رين ايمرجنسي تصويرن ۽ جعلي بلن تائين محدود آهي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته سڄي سنڌ ڪيترن ئي ڏينهن کان برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهي، ريسڪيو آپريشن ۽ رين ايمرجنسي رڳو تصويرن ۽ جعلي بلن تائين محدود آهي. ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، ميرپورخاص ڊويزن جا سمورا شهر ۽ سمورا ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن. اڪثر وزير فوٽو سيشن، بيان، آرام ۽ ٽوئيٽس ۾ مصروف آهن. ڪاروبار تباھ ٿي ويا آهن. بجلي، گيس، ريسڪيو، ڪي ڊي اي، واسا، ايڇ ڊي اي، ڪي ايم سي، ايڇ ايم سي، ٽريفڪ اهلڪار، انتظاميہ سڀ غائب آهن. اياز لطيف پليجي چيو ته 14 سالن کان ڪرپٽ ماڻھن جو سنڌ جي اقتدار تي قبضو آھي، اھي ھر دفعي پئسي جي طاقت تي اليڪشن مينيج ڪري اقتدار ۾ اچي عوام جي دولت تي ڌاڙا ھڻن ٿا،  بلدياتي نظام ذريعي ڳوٺن، ڪالونين ۽ شھرن کي ڊرينيج، رستا، پاڻي، پارڪ ۽ گھٽيون ٺاھي ڏيڻ بدران اربين روپيا لٽي کائي ويا آھن، ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ بنيادي انساني سھولتن کان محروم آھي، گٽرن جا ڍڪ کائي ويا،  ڪچرو صاف ڪرڻ جي بجيٽ کائي ويا، ناليون، گھٽيون، نلڪن ۽ ٻين بنيادي سھولتن جا پئسا ڪوڙن ڪاغذن ذريعي ھڙپ ڪري ويا، سڄي بيورو ڪريسي کي ڪرپٽ بنائي، ان سان ملي ڀڳت ڪري پئسا کائي ويا آھن، جيستائين سماج جا سٺا ماڻھو ميدان تي نه ايندا تيستائين خراب ماڻھو بنيادي حقن تي ڌاڙا  ھڻندا رھندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.