جارجيا ميلوني اٽلي جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجڻ جو امڪان

 

روم (ويب ڊيسڪ) اٽلي ۾ پهريون ڀيرو عورت وزيراعظم بڻجڻ جو امڪان روشن ٿي ويو.

ٽيڪنوڪريٽ ماريو ڊريگهي جي قومي اتحاد جي حڪومت جي دور ۾ واحد اپوزيشن جماعت پوسٽ فاشسٽ برادرز آف اٽلي جي سربراهه جارجيا ميلوني 25 سيپٽمبر تي ٿيندڙ چونڊن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پرعزم آهي.

46 ورهين جي جارجيا ميلوني کي اٽلي جي ايندڙ وزيراعظم بڻجڻ جي حوالي سان فيوريٽ سمجهيو پيو وڃي.

جارجيا ميلوني اڄڪلهه چونڊ ريلين ۾ پنهنجي ان نعري کي گهڙي گهڙي ورجائي رهي آهي ته هڪ عورت، هڪ ماءُ، هڪ اطالوي ۽ ڪرچسين آهيان ۽ توهان مون کي ان کان جدا نٿا ڪري سگهو.

روم جي ورڪنگ ڪلاس گاربيٽيلا ڊسٽرڪٽ ۾ پيدا ٿيندڙ جارجيا جي ماءُ سسلي ٻيٽ ۽ پيءُ سارڊينا ٻيٽ سان واسطو رکن ٿا.

جارجيا ميلوني هن وقت اطالوي پارليامينٽ جي ميمبر ۽ ان کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم سلويو برلسڪوني جي ڪابينا ۾ وزير رهي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.