”مون سان شادي ڇو نه ڪيئي؟ “ ڪترينا کي موتمار ڌمڪيون !

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف کي هڪ اهڙي همراهه ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو آهي جيڪو ساڻس شادي ڪرڻ چاهيندو هو.

پاڻ کي اسٽرگلنگ ايڪٽر چوندڙ منوندر سنگهه ڪترينا ڪيف جو مداح به آهي جيڪو ساڻس شادي جو خواهشمند هو پر ڪترينا ته هاڻي وڪي ڪوشل کي پنهنجو جيون ساٿي بڻائي ورتو آهي.

هو ڪترينا کي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان تنگ ڪري رهيو هو ۽ سوشل ميڊيا تي ڪترينا سان پنهنجون تصويرون ايڊٽ ڪري اپ لوڊ ڪندو هو جڏهن ته ڌمڪين وارا پيغام به جاري ڪندو هو.

پوليس وٽ شڪايت داخل ٿيڻ کانپوءِ نيٺ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.