هڪ هزار ارب ڊالر، وڏو اسلامي ملڪ ايترو پيسو ڪٿي لڳائي رهيو آهي؟

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ميرر لائين نالي هڪ تعميراتي منصوبي تي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو 75 ميلن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل ٻن بلند عمارتن تي ٻڌل هوندو ۽ ان تي هڪ هزار بلين ڊالر لاڳت ايندي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هن منصوبي جي لاڳت 1000 بلين ڊالرن تائين ٿي سگهي ٿي ۽ ان ۾ 50 لک ماڻهن جي رهائش جي گنجائش هوندي، ٻن عمارتن جي هيٺان هڪ تيز رفتار ٽرين لائين وڇائي ويندي جڏهن ته هڪ اسپورٽس اسٽيڊيم پڻ تعمير ڪيو ويندو.

ميرر لائن بنيادي طور تي سعودي عرب جي نيوم پروجيڪٽ جو حصو آهي.

 ياد رهي ته نيوم سعودي عرب جي معيشت کي مختلف شعبن ۾ وڌائڻ جو شهزادو محمد بن سلمان جو منصوبو آهي، جنهن جو اعلان 2017 ۾ ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.