ميهڙ ۾ گهر مان چوري دوران 2 جوابدار سوگها، پوليس حوالي

ميھڙ ( ن ع آ) ميهڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد محمدي ٽائون ٻيٽو روڊ تي 3 نامعلوم چور طالب ولد اسماعيل کوسو جي بند پيل گهر جي ڀت ٽپي گهر ۾ داخل ٿي گهر مان اي جي ايس 120 بيٽري ۽ هڪ ايل سي ڊي چوري ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته موقعي تي پاڙي ۾ راند کيڏندڙ ٻارن چورن کي ڏسي چور چور جو دانهون ڪيون ۽ ميھڙ اي سيڪشن پوليس کي چورن جو اطلاع ڏنو ويو پر ميھڙ اي سيڪشن پوليس ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائڻ لڳا جنهن کانپوء پاڙي وارن ۽ کوسا برادري جي ماڻهن ڊوڙائي ڊوڙائي ٻن چورن صفدر پٽ اصغر ڏهوٽ 2 سجاد ولد منظور کوسو کي چورايل ايل سي ڊي سميت پڪڙي مٿان تشدد ڪيو ۽ اھڙي ويڊيو پڻ وائرل ڪئي وئي آھي هڪ چور بيٽري سميت فرار ٿي ويو علائقي واسين ٻنهي چورن کي ميهڙ پوليس حوالي ڪيو ويو آخري اطلاع تائين ميھڙ اي سيڪشن پوليس چورن خلاف ڪو به ڪيس داخل نه ڪري سگھي آھي.

رڪ جو رھواسي نينگر 3 ڏينھن کان گم،ماءُ بيحال

لکي غلام شاھ (ت ر) رڪ شھر مان 12 ورهين جو نينگر شيراز پٽ دلدار مھر گذريل ٽن ڏينھن کان وٺي گھران ڪاوڙجي نڪري ويو، جنھن جي گهڻي ڳولا ڪرڻ باوجود سندس ڪٿان به ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. نينگر جي والد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھن جو پٽ 3 ڏينھن کان گم آھي، لکي غلام شاھ ٿاڻي تي اطلاع ڏنو پر پوليس ڳولا ۾ مدد نه پئي ڪري.هن ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪئي ته  پٽ جي ڳولا ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي.هوڏانهن پٽ جي گم ٿيڻ تي ماءُ کي بي هوشي جا دورا پئجي رهيا آهن.

ڪنڊيارو  ۾ بدامني، چور روڪ رقم  ۽ موبائيل کڻي ويا

ڪنڊيارو ( ن ع آ )  ڪنڊيارو ۾ ڦورو ٻيهر سرگرم ٿيڻ لڳا آھن۔نامعلوم ڦورو ڪنڊيارو شھر جي 24 ڪلاڪ مصروف رهندڙ اسپتال  روڊ تان نامعلوم ڦورو حاجي خادم چنه جي ڪريانه دوڪان تان ٽيهه هزار روپيه روڪ ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا،ٻئي پاسي ڪمالديرو ھمائو لنڪ روڊ تان نامعلوم ڦورو  ڳوٺاڻي عزيزالله چني کان موٽرسائيڪل،موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.