ليکڪ علي حسن چانڊيو جي ورسي تقريب برسات سبب ملتوي

گلشن اقبال( ن ع آ) سنڌ جي قومپرست اڳواڻ ۽ ليکڪ علي حسن چانڊيو جي 9 ورسي برساتن سبب عارضي طور ملتوي ڪئي وئي آهي جيڪا هاڻي آگسٽ ۾ ٿيندي.ايس يو پي ڪراچي ڊويزن پاران رٿيل ورسي تقريب ڪراچي ۾ ٿيڻي هئي، جڏهن تہ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلع نوابشاهه جي وفد ڪامريڊ مجاهد رستماڻي جي اڳواڻي ۾ دوڙ ۾ سندس آخري آرامگاه تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙي ۽ فاتحہ پڙهي.ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو پهنجي بيان ۾ چيو آهي ته علي حسن چانڊيو سنڌ جي جمھوري ۽ قومي تحريڪ جو وڏو اتساھ هيو جنهن پهنجي زندگيءَ جا 35 سال سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ وقف ڪري ڇڏيا. هو سنڌ جي انهن چند قومپرست اڳواڻن منجهان هڪ هيو جيڪي عملي جدوجهد سان گڏ لکڻ پڙهڻ ۽ اسٽڊي سرڪل جا قائل هيا.اڄ سموري سنڌ سندس ڪمي محسوس ڪري رهي آهي پر سندس ساٿي ۽ قومي تحريڪ جا باشعور ڪارڪن سندس ڇڏيل واٽ کي مشعل راہ بڻائي سنڌ جو آجپو ماڻيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.