زيارت ۾ شڪي مقابلي ۾ 9 بلوچ قتل ڪرڻ خلاف تربت ۾ احتجاجي ريلي

تربت(م ڊ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ڪيچ پاران زيارت ۾ مبينه لاپتا ماڻهن جي حراستي قتل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ڪارڪنن مختلف روڊن تي گشت ڪري لاپتا ماڻهن کي جعلي مقابلي ذريعي مارڻ خلاف نعريبازي ڪندي شهيد فدا چوڪ تي مظاهرو ڪيو، مظاهري کي هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان مڪران ڊويزن جي ڪوآرڊينيٽر ۽ ناليواري بلوچ اديب، دانشور پروفيسر غني پرواز خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان ۾ لاپتا ماڻهن جومعاملو هڪ سنگين ۽ حساس نوعيت جو معاملو آهي، اهو معاملو انساني حقن جي ادارن لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي، جعلي مقابلن ذريعي لاپتا ماڻهن کي ماريو پيو وڃي، جنهن جي اسان نه رڳو مذمت ڪريون ٿا بلڪه لاپتا ماڻهن کي جعلي مقابلن ۾ مارڻ جو عمل روڪڻ جو مطالبو ڪريون ٿا، هن چيو ته لاپتا ماڻهن جو معاملو حل ڪري ڳالهين ذريعي ان مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪيو وڃي، سمورن لاپتا بلوچ اسيرن کي بازياب ڪرايو وڃي، هن چيو ته جڏهن به هٿياربند تنظيمن پاران ڪٿي ڪو حملو ڪيو وڃي ٿو ته حملو ڪندڙن کي مارڻ بدران لاپتا ماڻهن کي ماري انهن کي شدت پسند ۽ هٿياربند تنظيمن جو ڪارڪن بڻائي پيش ڪيو وڃي ٿو جيڪا سيڪيورٽي ادارن جي ناڪامي آهي، هن فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن کي اپيل ڪئي ته جيڪڏهن اهي حالتن جي بهتري چاهين ٿا ته طريقو اهو ناهي بلڪه حالتون سازگار بڻائڻ لاءِ سمورن لاپتا ماڻهن کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ مارڻ ۽ لاش ڪيرائڻ جو سلسلو بند ڪري ڳالهين جورستو اختيار ڪيو وڃي، ان موقعي تي لاپتا شاگرد فيروز بلوچ جي والد نوربخش بلوچ خطاب ڪندي چيو ته هو پوليس ۾ ملازم آهي، هن جي پٽ کي 2021ع ۾ راولپنڊي ۾ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ڏني، هن سال مئي ۾ کيس پنڊي مان لاپتا ڪيو ويو، 2 مهينا 10 ڏينهن ٿي ويا آهن، هو لاپتا آهي، هن چيو ته منهنجو پٽ بيگناهه آهي، جيڪڏهن پوءِ به هن جو ڪو ڏوهه آهي يا ڪنهن منفي سرگرمي ۾ ملوث رهيو آهي ته عدالت سامهون پيش ڪيو وڃي، بانڪ سهتي بلوچ چيو ته رياست پاران بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان لاپتا ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، جيڪو سراسر ظلم آهي، رياست عوام جو تحفظ ڪري.

خضدار ۾ لاپتا بلوچ مقابلي ۾ مارڻ خلاف احتجاج

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) بلوچستان نيشنل پارٽي جي مرڪزي سڏ تي بي اين پي ضلعي ڪوئيٽا، بي اين پي خضدار ضلعي جي اهتمام هيٺ زيارت ۾ جعلي آپريشن ڪري لاپتا بلوچن جي قتل غارت ۽ لاپتا ماڻهن جي وارثن تي آنسو گئس جي شيلنگ، لٺبازي خلاف احتجاجي جلسي کي بي اين پي جي مرڪزي قائم مقام صدر ملڪ عبدالولي ڪاڪڙ، ملڪ نصير احمد شاهواني، اڳوڻي ايم پي اي مير عبدالرئوف مينگل، بي اين پي خضدار جي صدر مير شفيق الرحمان ساسولي، آغا حسن بلوچ، موسيٰ بلوچ، نذير بلوچ، ميڊم شڪيلا نويد دهوار، بي ايس او جي مرڪزي چيئرمين حفيظ بلوچ، غلام نبي مري، ڊاڪٽر علي احمد قمبراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو، اڳواڻن چيو ته بلوچستان ۾ بلوچن جي نسل ڪشي جو سلسلو جاري آهي، لاپتا ماڻهن کي ڪوڙن مقابلن ۾ شهيد ڪيو پيو وڃي، ان معاملي تي اعليٰ عدالت ڪميشن جوڙي، بلوچن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي

شهزاد بلوچ کي ڏوهاري ڪري پيش نه ڪيو وڃي: وارث

ڪوئيٽا(م ڊ) زيارت واقعي ۾ قتل ٿيل شهزاد بلوچ جي وارثن وائس فار بلوچ مسنگل پرسنز نصرالله بلوچ، وائس چيئرمين ماما قدير بلوچ، بي ايس او پجار جي چيئرمين زبير بلوچ، نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي غني بلوچ، بي ايس او جي ڪامريڊ اسرار بلوچ، ، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ، بلوچ وومين فورم جي فرزانه بلوچ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ هن جي ڀاءُ جي اپيل ميڊيا نمائندن آڏو پيش ڪئي وئي، جنهن مطابق مان سموري پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي شهزاد بلوچ جي ڀاءُ ۽ خاندان پاران اپيل ڪريان ٿو ته اسان جي وضاحتي پريس ڪانفرنس کي ڪوريج ڏني وڃي، اسان مير ضيا لانگو جي پريس ڪانفرنس ۽ رياستي پٺڀرائي ۾ سوشل ميڊيا ۾ ايڊيٽ ٿيل تصويرن ۽ قبر تي ڪنهن به تنظيم جو جهنڊو رکڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اسان اپيل ڪريون ٿا ته اسان جي خاندان کي وڌيڪ تڪليف نه پهچائي وڃي، اسان خلاف سازشون بند ڪيون وڃن،اسان کي انصاف ڏنو وڃي، هن چيو ته شهزاد بلوچ جي قتل کان پهرين اسان 27 جون تي ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس رڪارڊ ڪرائي ۽ 30 جون تي مظاهرو به ڪيو هو، شهزاد بلوچ هڪ معصوم ۽ ذميوار شهري هو، جنهن مختلف کاتن ۾ ٽيسٽ ۽ انٽرويوز ڏنا هئا، شهزاد بلوچ کي 4 جون تي پنهنجي ساٿين سميت موسيٰ ڪالوني جي علائقي مان جبري طور تي کنڀيو ويو، اسان مختلفن ٿاڻن ۾ رپورٽ داخل ڪرائڻ وياسين ته انهن ايف آءِ آر نه ڪاٽي، اسان ان سلسلي ۾ شهزاد بلوچ جي بازيابي لاءِ هر دروازو کڙڪايو، مختلف ايم پي ايز وٽ به وياسين، اهڙي طرح اڳوڻي ناڻي واري وزير مير خالد لانگو وٽ به فرياد ڪي، هن چيو ته اسان نه رڳو آرمي آفيسرن وٽ وياسين بلڪه جتي به ڪا اميد نظر اچي پئي اتي پهچي پئي وياسين، ان جي لوڪيشن ٽريس ڪئي ته اها ڪوئيٽا ڪينٽ ٻڌائي رهي هئي، رياستي ادارن اسان کي خاطري ڪرائي ته شهزاد بلوچ کي جلد آزاد ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.