ن ليگ عدليا خلاف شروع ٿي وئي، هاڻ فوج خلاف بيان ڏيندي: فواد چوڌري

جهلم (م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري عدليا تي تنقيد ڪرڻ تي ن ليگ اڳواڻن تي ڏمرجي پيو. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته ن ليگ اسٽيبلشمينٽ جي ڪُک مان جنم ورتو آهي، پاڻ ۾ طئي ڪيو اٿن ته هڪ پرو اسٽيبلشمينٽ سياست ڪندو ۽ ٻيو اينٽي اسٽيبلشمينٽ، هڪ ناڪام ٿيو ته ٻئي کي اڳتي ڪري ڇڏيو، اهو ئي فارمولو ايندڙ نسل ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته عدليا خلاف بيان شروع ٿي ويا آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ فوج خلاف بيان شروع ٿي ويندا، ان اسڪيم ۾ خامي اها آهي ته 1990 وارا ماڻهو هاڻ ناهن ۽ مقابلو به عمران خان سان آهي. سندس چوڻ هو ته ن ليگ جي حڪمت عملي ان کي سياست کان مڪمل ٻاهر ڪري ڇڏيندي پر ادارن کي نقصان ٿيندو، پنهنجي حدن ۾ رهن ها ته ڪجهه نه هو پر بهرحال هاڻ ن ليگ ادارن کي ٽارگيٽ ڪندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.