پاڪستان ۾ موبائيل فون انٽرنيٽ اسپيڊ ڀارت کان به تيز !

ڪراچي (ويب ديسڪ) پاڪستان موبائل فون انٽرنيٽ اسپيڊ ۾ ڀارت کان به اڳتي نڪري ويو آهي.

اوڪلا، دنيا جي انٽرنيٽ اسپيڊ ميپنگ آرگنائيزيشن آهي جنهن جون 2022 ۾ مختلف ملڪن ۾ موبائل ۽ براڊ بينڊ انٽرنيٽ اسپيڊ جي لسٽ جاري ڪئي آهي.

لسٽ موجب ناروي، گڏيل عرب امارات ۽ بلغاريا دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ موبائل انٽرنيٽ اسپيڊ رکن ٿا.

ناروي موبائيل انٽرنيٽ جي فهرست ۾ 126.96 Mbps جي سراسري ڊائون لوڊ رفتار ۽ 17.91 Mbps جي سراسري اپ لوڊ رفتار سان مٿي آهي.

ٻئي نمبر تي گڏيل عرب امارات آهي جتي موبائل انٽرنيٽ جي سراسري رفتار 120.37 Mbps آهي.

جڏهن ته بلغاريا 6 درجا بهتر ٿي ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي جتي سراسري موبائل انٽرنيٽ جي رفتار 110.61 Mbps آهي.

پاڪستان 139 ملڪن جي ان لسٽ ۾ 3 درجا هيٺ لهي 116هين نمبر تي اچي ويو آهي.

پاڪستان ۾ سراسري موبائل انٽرنيٽ ڊائون لوڊ اسپيڊ 14.63 ايم بي پي ايس ۽ اپلوڊ اسپيڊ 9.38 ايم بي پي ايس آھي.

پاڪستان ان حوالي سان بنگلاديش ۽ ڀارت کان اڳتي آهي، ڀارت ان لسٽ ۾ 118 هين نمبر تي آهي.

ٻئي طرف لاطيني آمريڪي ملڪ چلي براڊ بينڊ انٽرنيٽ اسپيڊ جي لحاظ کان سرفهرست آهي.

چلي ۾ سراسري براڊ بينڊ انٽرنيٽ جي رفتار 213.73 Mbps آهي، بعد ۾ سنگاپور 203.61 Mbps سان ۽ چين 188.03 Mbps سان.

182 ملڪن جي هن لسٽ ۾ پاڪستان 9.82 ايم بي پي ايس براڊ بينڊ اسپيڊ سان 150 هين نمبر تي آهي جڏهن ته ڀارت 48.11 ايم بي پي ايس سان 72 نمبر تي آهي.

عالمي سطح تي موبائل انٽرنيٽ جي ڊائون لوڊ اسپيڊ 31.01 ايم بي پي ايس آهي ۽ اپلوڊ اسپيڊ 8.66 ايم بي پي ايس آهي، براڊ بينڊ انٽرنيٽ جي سراسري ڊائون لوڊ اسپيڊ 66.25 ايم بي پي ايس ۽ اپلوڊ اسپيڊ 28.56 ايم بي پي ايس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.