ڪوٽ بنگلو واسي نوجوان گڊو مان دوست سميت پراسرار طور گم

ڪوٽڏيجي(ن ع آ ) ڪوٽڏيجي جي علائقي ڪوٽبنگلو جي قاسم آباد محلي جو رهواسي 18 سالا محمد قاسم ولد عابد قاضي ونڊير پنهنجي دوست گڊو واسي نوجوان شفيع محمد ملڪ سان گڏ گڊو مان پرسرار نموني گم ٿي ويو آهي سندس وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ نوجوان محمد قاسم قاضي ونڊير جي وارثن ٻڌايو ته محمد قاسم لاڙڪاڻي مان انجنيئرنگ ڪري رهيو آهي جيڪو ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي ڀيڻ سان ملڻ لاءِ گڊو ويل هو جتي هن پنهنجي ڪلاس فيلو شفيع محمد ملڪ سان گڏ چانهه پيئڻ لاءِ گڊو شهر ويو جتان هو واپس نه آيو سندس موبائيل فون به مسلسل بند ٻڌائي رهيو آهي ڪافي ڳولا باوجود ڪٿان به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو اسان کي شڪ آهي ته ڪٿي اسان جي نوجوانن کي اغوا نه ڪيو هجي هنن  ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ايس ايس پي خيرپور ڊي آءِ جي سکر سميت لاڳاپيل ادارن کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي گم ٿيل نوجوانن جي ڳولا ۾ مدد ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.