عمران خان !سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي مڃو، ڌمڪي نه ڏيو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته چوڌري شجاعت پنهنجي ميمبرن کي اهي هدايتون جاري  ڪيون جيڪي عمران خان جاري ڪيون هيون، عمران خان جي ڌمڪين ۽ گارين سان آئين ۽ قانون نٿو بدلائي سگهجي، رولنگ عمران صاحب جي حق ۾ هجي ته آئيني ۽ حمزه شهباز جي حق ۾ هجي ته غير آئيني، عمران صاحب جو ڪوڙ، فساد ۽ منافقت ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي رهيو آهي. ڇنڇر ڏينهن پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته ملڪ چار سال ترقي نه پر ملڪ جو ڏيوالو نڪري رهيو هو، ملڪ کي چار سال لُٽيو پئي ويو، عوام جي روزگار تي ڌاڙو هنيو پئي ويو، ملڪ ۾ معاشي تباهي ٿي رهي هئي. هن چيو ته گذريل چار سال ملڪ تي بشريٰ گوگي ڪارٽلرز مافيا جو راڄ هو. سڌ سماءُ واري وفاقي وزير چيو ته حمزه شهباز سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد جي نتيجي ۾ وڏو وزير بڻيو آهي، عمران خان سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ ووٽ ڏيڻ جو اختيار صرف پارٽي سربراهه کي ڏنو آهي، هن چيو ته عمران خان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي مڃو، ڌمڪي نه ڏيو. سپريم ڪورٽ اسپيڪر کي پارٽي سربراهه جي هدايت جي روشني ۾ ووٽ رد ڪرڻ جو اختيار ڏنو آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ پارٽي سربراهه جي فيصلي جي خلاف ورزي ڪندڙن کي ڊي سيٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، هن چيو ته آئين سان کيڏيندڙن ۽ آئين جي تشريح عمران خان جي ڌونس ڌمڪي ۽ گالي سان نٿي ٿي سگهي، وفاقي وزير چيو ته پارليامينٽ آئين سان ٺهي آهي، آئين جي اختيار سان هلندي آهي، هن چيو ته 10 ووٽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ رد ٿيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.