عمران خان لاءِ ته قانون به نرم ٿي وڃي ٿو: شازيا مري

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزير۽ پ پ پارليامينٽيرين  جي ترجمان شازيا مري چيو آهي ته قوم حيران آهي، عمران خان جي باري ۾ قانون به نرم ٿي وڃي ٿو، هڪ بيان ۾ هن چيو ته پارلياماني پارٽي پنهنجي جماعت جي صدر جي هدايتن تي عمل ڪرڻ جي پابند آهي، هن سوال ڪيو ته پڇڻو هو ته جيڪو ڪالهه تائين صحيح هو، اهو اڄ ڪيئن غلط ٿي ويو؟ هن سوال ڪيو ته صدر ق ليگ جي خط جي اهميت ناهي ته 20 ڊي سيٽ پنجاب اسيمبلي ميمبرن جو ڪهڙو ڏوهه هو؟ پ پ ترجمان چيو ته اسان پڇندا رهنداسين ته سينيٽر يوسف رضا گيلاني سان انصاف ڇو ناهي ٿيو، هن چيو ته صدر عارف علوي، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ قاسم خان سوري واضح طور تي آئين ٽوڙيو هو، عمران خان ادارن جي توهين ڪري ٿو، هن جون ڏنل ڌمڪيون به توهين جي زمري ۾ نٿيون اچن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.