ملير ۾گم ٿيل نينگري زبيده کوسونه ملي، ڳولا ۾ مدد جي اپيل

ملير (ڊ ر) ملير جي علائقي گلشن حديد فيز2 جي رهواسڻ 15 سالا نينگري زبيده کوسو ٻن ڏينهن کان لاپتا ڳولا ۾ مدد لاءِ وارث ملير پريس ڪلب ڪراچي پهچي ويا، ان موقعي تي نينگري جي ڀاءُ حيدر کوسو صحافين کي ٻڌائيندي چيو ته اسان گلشن حديد جي فيز2 گهر نمبرA-647 ۾ رهندڙ آهيون منهنجي ننڍي ڀيڻ زبيده ٻن ڏينهن کان لاپتا ٿي وئي آهي، جنهن جي رپورٽ اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي پڻ داخل ڪرائي وئي آهي، مسلسل ڳولا باوجود اسان جي نينگري جو ڪوبه ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي جنهن جي ڪري اسان جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي، هن چيو ته اسان آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير ۽ ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون کي اپيل ٿا ڪريون ته منهنجي ڀيڻ زبيده کوسو جي ڳولا ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.