ڪوٽڙي ڪبير لڳ اغوا ڪيل ڳوٺاڻو نه موٽيو، 25 لک ڀنگ طلب

ڪوٽڙي ڪبير (ن ع آ) ڪوٽڙي ڪبير ڀرسان ڳوٺ مکڻ خان مري حد ٿاڻو ھالاڻي جو رھواسي رب نواز مري پريس ڪلب ڪوٽڙي ڪبير ۾ اچي احتجاج ڪندي ميڊيا وارن کي ٻڌايو ت 25 ڏينھن اڳ منھنجو ڀاء شاھنواز مري مزدوري ڪرڻ لاء راڻي پور ويو, جيڪو راڻيپور ن پھتو ۽ رستي تان پراسرار طور تي گم ٿي ويو, ڪجھ ڏينھن کان پوء  ڀاء شاھنواز جي فون نمبرتان فون آئي جنھن ۾ ڌاڙيلن مخاطب ٿيندي چيو ت تنھنجي ڀاء کي اسان اغوا ڪيو آھي ھاڻي 25 لک رپيا ڀنڱ ڏئي ڀاء کي ڇڏائي وڃ, ٻي صورت ۾ توکي لاش ملندو, ھن چيو ت مان اھڙو اطلاع ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ايس ايڇ او ھالاڻي کي ڏنو پرھن وقت تائين ڀاء جي بايابي لاء ڪنھن ب قسم جو پوليس تعاون ن ڪيو آھي, ھن چيو مان پاڻ مذدوري ڪري مس پيٽ گذر ڪيان ٿو, مونکي ايتري طاقت ناھي جو ڀنڱ ڀري سگھان گھر جا ڀاتي پريشان  ٿي ويا آھن ت الاء ھاڻي ڇا ٿيندو, ھن آء جي سنڌ, ڊي آء جي نوابشاه ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ت خدا جي واسطي مغوي ڀاء شاھنواز   جي بازيابي لاء جوڳا اپاء وٺي واپس ڪرائي ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.