ڌمڪين کانپوءِ سلمان خان قاتل گينگ سان دوبدو مقابلي لاءِ تيار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کي ڊگهي وقت کان لاڳيتو موتمار ڌمڪيون مليون آهن ۽ تازو ڪجهه ڏينهن اڳ به قاتل گينگ کيس ٻيهر قتل جون ڌمڪيون ڏنيون آهن.

هاڻي سلمان خان پنهنجي حفاظت لاءِ هٿيارن جو لائسنس ٺهرائي رهيو آهي.

دبنگ خان جمعي ڏهاڙي پوليس جي هيڊڪوارترز هٿيارن جا لائسنس ٺهرائڻ ويو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Viral Bhayani (@viralbhayani)

سلمان خان گينگٽرز طرفان مليل ڌمڪين سبب پنهنجي ۽ گهرڀاتين جي حفاظت لاءِ هٿيار رکڻ چاهي ٿو جنهن لاءِ کيس لائسنس گهربل آهي.

سلمان خان جو ممبئي پوليس جي هيڊڪوارٽرز ۾ اچڻ جو مقصد لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ تصديق ڪرائڻ هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.