ڪنڌڪوٽ ۾ شاگردن جو سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي لاءِ احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ ۾ شاگردن پاران سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سنڌ شاگرد تحريڪ سڀا جي سڏ تي شاگردن هٿن ۾ بينر کڻي نادر بنگوار، نياز احمد، نواز سبزوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته حيدرآباد ۾ ڌارين بنا جواز سنڌ جي ڳڀري نوجوان بلال ڪاڪا کي بيدردي سان قتل ڪري ڌرتي ڌڻين کي للڪاريو آهي پر تنهن باوجود به سنڌ سرڪار افغانين سوڌو ٻين پرڏيهي کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ سنجيده ناهي.

شاگردن سنڌ حڪومت ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته افغانين سوڌو ٻيا پرڏيهين کي سنڌ مان نيڪالي ڏئي مقتول بلاول جي خون ۽ ڌرتي ڌڻين سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.