ڊبليو ايڇ او منڪي پاڪس کي عالمي ايمرجنسي قرار ڏئي ڇڏيو

صحت جي عالمي اداري منڪي پاڪس کي عالمي هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏئي ڇڏيو.

ڊبليو ايڇ او جي سربراهه ٽيڊروس اڌانوم چيو اهي ته منڪي پاڪس 70 کان وڌيڪ ملڪن ۾ پکڙجي چڪو آهي ۽ اها هڪ غيرمعمولي صورتحال آهي تنهن ڪري هن بيماري کي عالمي ايمرجنسي قرار ڏيڻ اڻٽر آهي.

منڪي پاڪس ڇا آهي ؟

منڪي پاڪس هڪ اهڙو وائرس آهي جيڪو جهنگلي جيوت خاص ڪري زمين کوٽيندڙ ڪوئن ۽ باندرن کي ٿيندو آهي ۽ اڪثر انهن ذريعي انسانن کي به لڳي ويندو آهي.

هن وائرس جا گهڻي قدر ڪيس ماضي ۾ آفريڪي ملڪن ۾ رپورٽ ٿيندا رهيا آهن جتي هي تمام گهڻي تيزي سان پکڙجندو هو.

پهريون ڀيرو ان بيماري جي سڃاڻپ سال 1958ع ۾ ان وقت ٿي جڏهن هڪ تحقيق دوران ڪجهه سائنسدانن کي باندرن جي جسم تي ” پاڪس “ يعني داڻا نظر آيا هئا، انڪري ئي ان بيماري جي نالو ” منڪي پاڪس “ رکيو ويو هو .

انسانن ۾ ان وائرس جو پهريون ڪيس سال 1970ع ۾ رپورٽ ٿيو، ان ڪيس جو پهريون شڪار ٿيندڙ انسان آفريڪي ملڪ ڪانگو ۾ هڪ 9 ورهين جي ٻارڙو هو .

وائرل انفيڪشن

برطانيا جي نيشنل هيلٿ سروس موجب هي هڪ ناياب وائرل انفيڪشن آهي، جيڪو اثرن جي لحاظ کان عام طور تي هلڪو هوندو آهي ۽ ان سان گهڻي قدر ڪجهه هفتن ۾ ٺيڪ ٿي ويندا آهن، هي وائرس ماڻهن وچ ۾ سولائي سان ناهي پکڙبو ۽ انڪري ان جو، وڏي پيماني تي ڦهلجڻ جي حوالي سان خطرو تمام گهٽ ٻڌايو ويندو آهي.

هي بيماري منڪي پاڪس نالي وائرس سبب ٿيندي آهي، جيڪو چڪن پاڪس جهڙي وائرس جي شاخ مان آهي، هن وائرس جا ٻه اهم قسم آهن اولهه آفريڪي ۽ ٻيو وچ آفريڪي.

جنسي طور تي منتقلي

ڊبليو ايڇ او جي نمائيندي ڊيوڊ هيمن چيو آهي ته هاڻي هي جنسي طور منتقل ٿيندڙ انفيڪشن وانگر پکڙي رهيو آهي، ۽ سموري دنيا ۾ ان جي منتقلي جو خطرو وڌي ويو آهي، هن چيو ته ( انسانن جو ) ويجهو رابطو ان وائرس جي پکڙجڻ جو سبب آهي. بيمار ٻارن جي سار سنڀال ڪندڙ والدين ۽ طبي عملي جا فرد خطري ۾ آهن، روئٽرز موجب ڪيترن ئي ڪيسن جي تصديق جنسي صحت وارين ڪلينڪن ۾ ڪئي وئي آهي.

علامتون

شروعاتي علامتن ۾ بخار، مٿي جو سور، سوڄ، چيلهه ۾ سور، پٺن ۾ سور ۽ عام طور تي ڪنهن به ڪم ۾ دلچسپي نه وٺڻ شامل آهي. هڪ دفعو جڏهن بخار ايندو ويندو آهي ته جسم تي داڻا اچي سگهن ٿا جيڪي اڪثر منهن تان شروع ٿيندا آهن، پوءِ جسم جي ٻين حصن، عام طور تي هٿن جي ترين ۽ پيرن جي کڙين تائين پکڙجي ويندا آهن.

هي داڻا انتهائي خارش پيدا ڪندڙ يا تڪليف ڏيندڙ ٿي سگهن ٿا، داڻن ۾ بدلجڻ کان پهريان هي مختلف مرحلن مان گذرندا آهن ۽ پوءِ هي داڻا سڪي ويندا آهن پر زخمن سبب داغ پڻ رهجي سگهن، انفيڪشن عام طور تي پنهنجو پاڻ ئي ختم ٿي ويندو آهي ۽ 14 کان 21 ڏينهن دوران هي وائرس موجود رهندو آهي.

ڪرونا وائرس سان هڪجهڙائي؟

ڊيوڊ هيمن چيو آهي ته هي حياتياتي طور تي سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهه آهي ته هي وائرس انهن ملڪن کان ٻاهر پکڙي رهيو آهي جتي عام طور تي اهو موجود هوندو آهي، پر ڪووڊ لاڪ ڊائون، سماجي فاصلي، سفري پابندين سبب ۽ گهڻو ناهي پکڙي سگهيو .

هن زور ڏيندي چيو ته منڪي پاڪس ڪرونا وائرس سان هڪجهڙائي نٿو رکي ڇاڪاڻ ته هي ايتري سولائي سان منتقل ناهي ٿيندو، پر هن مشورو ڏيندي چيو ته جن ماڻهن کي شڪ آهي ته هو ان بيماري جو شڪار ٿي ڇڪا آهن يا جن جي جسم ۾ داغن ۽ بخار جهڙيون علامتون ظاهر ٿين ٿيون، انهن کي ٻين سان ويجها لاڳاپا رکڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

هي وائرس ڪيئن پکڙجي سگهي ٿو؟

جڏهن ته ڪو متاثر فرد سان ويجهن لاڳاپن ۾ هوندو آهي ته ان ۾ منڪي پاڪس پکڙجي سگهي ٿو، هي وائرس ٽٽل ۽ ڦاٽل جلد، ساهه جي نالين يا اکين، نڪ يا منهن ذريعي جسم داخل ٿي سگهي ٿو، ان کي پهريان جنسي طور تي منتقل ٿيندڙ انفيڪشن طور تي بيان نه ڪيو ويو هو، پر هي جنسي لاڳاپن دوران سڌو سنئون رابطي ذريعي منتقل ٿي سگهي ٿو.

هي باندرن، ڪوئن ۽ ٻين متاثر جانورن جي رابطي ۾ اچڻ سان به پکڙي سگهي ٿو يا وائرس سبب آلين شين، جهڙوڪ بسترن ۽ ڪپڙن ذريعي به پکڙي سگهي ٿو.

علاج يا ويڪسين

اڃا تائين، منڪي پاڪس وائرس انفيڪشن جو ڪو به ثابت ٿيل، محفوظ علاج ناهي، منڪي پاڪس لاءِ ڪا به مخصوص ويڪسين به موجود ناهي، پر چڪن پاڪس جو  ٽڪو 85 سيڪڙو تحفظ فراهم ڪندو آهي ڇو جو ٻئي وائرس هڪجهڙا آهن.

آمريڪا ۾ منڪي پاڪس جي وبا ڪنٽرول ڪرڻ جي مقصدن لاءِ چڪن پاڪس جي ويڪسين، اينٽي وائرلز، ۽ ويڪسينيا اميون گلوبلين ( VIG ) جو استعمال ڪيو ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.