ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ رنبير ڪپور چيو آهي ته گهر ۾ زال خوش هوندي آهي ته هو به خوش هوندو آهي.
سوشل ميڊيا رنبير ڪپور جي ويڊيو ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو ميڊيا سان پنهنجي فلم ” شمشيرا “ ڏسڻ کانپوءِ عاليه ڀٽ جي خوشي بابت ڳالهائي رهيو آهي.
ويڊيو ۾ صحافي جي سوال تي رنبير ڪپور جو چوڻ آهي ته عاليه ڀٽ فلم شمشيرا ڏٺي ۽ پوري ٽيم کي پنهنجي محبتن جو اظهار ڪيو کيس فلم تمام گهڻو پسند آئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته منهنجي لاءِ هڪ خوشي جي ڳالهه آهي ته گهر ۾ زال خوش هوندي آهي مان خوش هوندو آهيان.
View this post on Instagram
گفتگو دوران رنبير ڪپور عاليه جي فلم ڊارلنگ ساراهه ڪندي چيو ته مون فلم ڏٺي آهي جيڪا زبردست آهي ۽ اها فلم مداحن جي اميدن تي پورو لهندي.