عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن جي عمر گهٽ ڇو؟ نئين تحقيق ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

مردن جي عمر عورتن جي مقابلي ۾ گهٽ ڇو هوندي آهي؟ هاڻ سائنسدان ان جو ڪارڻ به ڄاڻي ورتو آهي.

هڪ نئين تحقيق ۾ اها وضاحت ڪئي وئي آهي ته مردن جي سراسري عمر عورتن جي مقابلي ۾ گهٽ ڇو هوندي آهي؟ جنهن جو ڪارڻ مردن جي خلين ۾ واءِ ڪروموسوم جو هوريان هوريان ختم ٿيڻ ڄاڻايو ويو آهي.

جرنل سائنس رسالي ۾ ڇپيل هڪ طبي تحقيق ۾ اهو چيو ويو آهي ته عمر وڌڻ سان گڏوگڏ واءِ ڪروموسوم جو هوريان هوريان ختم ٿيڻ مردن جي دل کي نقصان رسائيندو آهي ۽ موتمار هارٽ فيل جو خطرو وڌي ويندو آهي.

محققن موجب 60 ورهين جي عمر کانپوءِ عورتن جي مقابلي ۾ مردن جي موت جي شرح وڌيڪ هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته جنياتي طور سندن اندروني عمر وڌيڪ تيزي سان وڌندي آهي.

سمورن انسانن ۾ ڪروموسمز جا 23 جوڙا هوندا آهن جن مان 22 مردن ۽ عورتن هڪجهڙا هوندا آهن.

ان کان هٽي ڪري عورتن ۾ ٻه ايڪس ڪروموسمومز جو جوڙا هوندا آهن جڏهن مردن ۾ هڪ واءِ ۽ هڪ ايڪس ڪروموسوم تي ٻڌل جوڙا هوندا آهن.

پر وڌندڙ عمر سان گڏ مردن جي ڪجهه خلين مان واءِ ڪروموسوم ختم ٿي ويندو آهي، خاص طور اُهي خليون جيڪي اثر بدلائينديون رهنديون آهن جهڙوڪ رت جون خليون.

ان کان پهرين ماضي ۾ ٿيل هڪ تحقيقي ڪم ۾ واءِ ڪروموسوم جي ختم ٿيڻ، وڌندڙ عمر سبب ٿيندڙ بيمارين ۽ موت جي وچ ۾ تعلق جو اشارو ڏنو ويو هو پر ان جو ڪارڻ بڻجندڙ واري ميڪنزم تي روشني نه وڌي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.