خيرپوراسپتال مان دوائون چوري معاملو،صحت کاتي پاران جاچ شروع

خيرپور( ڊ ر )4 ڏينهن اڳ سول اسپتال خيرپور مان دوائن جي چوري واري واقعي جي انڪوائري لاءِ صحت کاتي جي صوبائي وزير طرفان جوڙيل ٽيم سکر کان سول اسپتال خيرپور پهچي وئي صحت کاتي سکر جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حبيب الرحمان شيخ ۽ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر تسليم خميساڻي جي سربراهي ۾ ٽيم سکر کان سول اسپتال پهچي ڊاڪٽرن ۽ عملي جا بيان قلمبند ڪيا ياد رهي ته 4 ڏينهن اڳ سول اسپتال ۾ دوائون چوري ڪري ويندڙ هڪ جوابدار بلال سولنگي کي دوائن سميت گرفتار ڪيو ويو هو گرفتار ڪيل جوابدار کي اسپتال جي ڊاڪٽرن جي مداخلت تي آزاد ڪيو ويو هو واقعي جو صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو طرفان نوٽيس وٺي انڪوائري ٽيم جوڙي انڪوائري جو حڪم ڏنو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.