روهڙي لڳ 3 ڏينهن اڳ گم نوجوان نه مليو، اغوا، شڪ

سکر (رپورٽر ) روهڙي ويجهو پٽڻي ٿاڻي جي حد مان  3 ڏينهن اڳ گم نوجوان جو نه پيو، وارث ڳولها ڪري ٿڪجي پيا، روهڙي ويجهو پٽڻي ٿاڻي جي حد وڏي پٽڻي مان 3 ڏينهن اڳ نوجوان شيراز مسڻ پٽ مشتاق مسڻ پراسرار نموني گم ٿي ويو هو، نوجوان جي وارثن موجب شيراز روشن علي آباد کان مائٽن سان ملڻ لاءِ ويو ته سندس سان رابطو ڪٽجي ويو آهي گذريل ٻن ڏينهن کان ڳولها ڪئي آهي پر ان باوجود پتو ناهي پئجي سگهيو، سندس موبائيل فون پڻ بند پيل آهي، وارثن پاران پٽڻي ٿاڻي تي اهڙو اطلاع ڏنو ويو آهي، هنن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي سکر کي پڻ اهڙو اطلاع ڏنو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.