خيرپور ۾گيسٽرو تيزي سان پکڙجڻ لڳو، وڌيڪ 45 ٻارڙا داخل

خيرپور( ڊ ر )خيرپور ۾ گيسٽرو جو مرض تيزي سان پکڙجڻ لڳو، 24 ڪلاڪن اندر گيسٽرو ۾ مبتلا وڌيڪ 45 ٻارڙا سٽي اسپتال خيرپور نتقل ڪيا ويا آهن گيسٽرو سبب اسپتال ۾ داخل ڪيل ٻارڙن ۾ مِهر علي، رنگ علي، ڪلثوم، محمد حسن، مرڪ، ڪرن، علي رضا، سليمان، تحسين ۽ ٻيا شامل آهن گيسٽرو جي مرض ۾ مبتلا ٻارن جي وڏي تعداد ۾ اسپتال داخل ٿيڻ سبب اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ پيدا ٿي وئي، هڪ بيڊ تي ٻن کان ٽن ٻارن کي داخل ڪيو ويو آهي، مريض ٻارن جي وارثن ۽ اسپتال عملي کي ڏکيائيون درپيش اسپتال ۾ صفائي سٿرائي جا جوڳا انتظام نه هئڻ ڪري مريض ٻارن جي وارثن سٽي اسپتال جي انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته سٽي اسپتال ۾ اسان کي ڪابه سهولت نه پئي ڏني وڃي اسان دوائون به پرائيويٽ اسٽورن تان ٿا خريد ڪيون جڏهن ته دوائون هوندي به اسان کي چيو ٿو وڃي ته دوائون ناهين جڏهن ته ڊاڪٽر توڙي اسپتال انتظاميا سرڪاري دوائون پرائيويٽ اسٽورن تي وڪرو ڪري رهيا آهن  اسان وس وارن کان مطالبو ٿا ڪيو ته وارڊن ۾ اضافي بيڊ لڳائڻ سان گڏ اسان جي ٻارڙن کي  مفت سرڪاري دوائون ڏنيون وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.