جي ڊي اي پاران چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪرڻ جي مذمت

ڪراچي (رپورٽر ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي جون چونڊون ملتوي ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پھرئين مرحلي ۾ ٿيل چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي ان ڪري نتيجن کي رد ڪري ٻيھر چونڊون ڪرايون وڃن، اليڪشن ڪميشن ۽ زرداري ليگ جي ملي ڀگت عوام جي سامھون اچي وئي آھي، اليڪشن ڪميشن پنھنجي آفيس تي زرداري ليگ جو جھنڊو ھڻي ته بھتر آھي، رڪارڊ ڌانڌلين باوجود مڪاني چونڊن جي پھرين مرحلي ۾ ٻيو نمبر وڏي سياسي جماعت بڻجي وئي آهي، سنڌ ۾ 15 سالن کان فاشزم لاڳو ڪيو ويو آهي جنھن جي خلاف پير پاڳارو مضبوط موقف رکي ٿو، جي ڊي اي مڪاني ادارن کي مڪمل اختيار ڏيڻ جي ڳالھ ڪري ٿي، اھڙن خيالن جو اظھار جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي، اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم فنڪشنل ليگ ھاؤس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ، ان موقعي تي بئريسٽر ارشد شر بلوچ، فيصل بلوچ، سر احمد علي ۽  ٻيا اڳواڻ موجود هئا، اڳواڻن چيو ته ھن وقت ملڪ جون سياسي ۽ معاشي حالتون انتھائي خراب آھن،جنھن ڪري جھموريت کي سخت خطرا آهن ،حڪومت بيساڪين تي ٻيٺل آھي،ھن چيو ته پھرئين مرحلي ۾ ٿيل مڪاني چونڊون ۾ زرداري ليگ اليڪشن ڪميشن پوليس وسيلي من پسند نتيجا حاصل ڪيا ،ٻئي مرحلي ۾ زرداري ليگ پنھنجي شڪست کي ڏسندي اليڪشن ڪميشن سان ملي ڀگت ڪري برساتن ۽ محرم الحرام جو بھانو بڻائي اوچتو شاھي فرمان تحت چونڊون ملتوي ڪرايون آھن،جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ مطالبو ڪيون ٿا ته پھرئين مرحلي ۾ ٿيل چونڊ نتيجا رد ڪري تڪ بنديون ۽ ووٽر لسٽن کي مڪمل ڪري ٻيھر چونڊون ڪرايون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.