اليڪشن چوري ٿي، زرداري ڪاري ڌن سان جمهوريت خريدي رهيوآهي: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اڄ رات احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته حيرت آهي ته پنجاب اسيمبلي ۾ اڄ هنن ڇا ڇا ڪيو؟. سندس چوڻ هو ته آرٽيڪل 63 اي ۾ لکيل آهي ته پارٽي جو پارلياماني سربراهه فيصلو ڪندو آهي ته ڪٿي ووٽ ڪرڻو آهي، مان جيڪو خط لکيو اهو رد ٿي ويو وري پارلياماني ليڊر خط لکيو. عمران خان چيو ته  پنجاب اسيمبلي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي حيران آهيان، جمهوريت جو هڪ اخلاقي بنياد هوندو آهي، پارليامينٽ وٽ فوج ناهي اخلاقي طاقت هوندي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته  پنجاب ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو جمهوريت ناهي، عوام احتجاج ڪري، قانون هٿ ۾ نه کڻي پرامن رهي. عمران خان چيو ته آصف زرداري ڪاري ڌن سان جمهوريت خريدي رهيوآهي. هن چيو ته آصف زرداري اليڪشن چوري ڪيو. رات ئي خبر پئجي وئي هئي ته ڪهڙي گيم کيڏي پئي وڃي. هن چيو ته ڊالر ڪاٿي پهتو آهي. معيشت جو برو حال آهي. سنڌ جو پئسو هارس ٽريڊنگ لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.