پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ جي 186 ميمبرن پاران ڊپٽي اسپيڪر خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ قاف پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي رولنگ کانپوءِ پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پرويز الاهي، شاهه محمود قريشي، اسد عمر، شفقت محمود، عمر ايوب، علي امين گنڊاپور سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي 186 ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي فيصلي کي رد ڪندي سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو،  پي ٽي آءِ جي اڳواڻ بابر اعواڻ جو چوڻ آهي ته اڄ رات ئي سپريم ڪورٽ ۾ وينداسين، پي ٽي آءِ جا 186 ميمبر به سپريم ڪورٽ ويندا.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.