پي ٽي آءِ جو پنجاب جي ڊپٽي اسپيڪر خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان

لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ دير تي ڊپٽي اسپيڪر خلاف توهين عدالت جي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي ويندي. پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ٻن ڪلاڪن کان رولڙي جو شڪار رهيو. ان ڏس ۾ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته صوبائي اسيمبلي جي اجلاس ۾ غيرضروري دير سپريم ڪورٽ جي واضح حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته وڪيلن کي توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ چئي ڇڏيو آهي ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف توهين عدالت جي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي ويندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.