عثمان خواجا به ون ڊي ڪرڪيٽ جي مستقبل تي سوال اٿاري ڇڏيو

ڪيمبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽر عثمان خواجا به ون ڊي ڪرڪيٽ جي مستقبل جي حوالي سان خبردار ڪري ڇڏيو.

راندين جي پرڏيهي ويب سائٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ عثمان خواجا چيو ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جون وڌندڙ ليگزون ڊي ڪرڪيٽ کي نپوڙي رهيا آهن جنهن سان ون ڊي ڪرڪيٽ سست موت مري رهي آهي.

هن چيو ته بين اسٽوڪس جي ون ڊي ڪرڪيٽ ڇڏڻ تي حيرانگي ناهي، ذاتي طور تي تقريبن مان به ان ون ڊي ڪرڪيٽ سان ناهيان، مان اهو نٿو چوان ته ٽنهي فارميٽ جو ڪرڪيٽر بڻجڻ ممڪن ناهي پر هي سولو ناهي.

عثمان خواجا جو چوڻ هو ته ون ڊي ڪرڪيٽ جو ورلڊ ڪپ هاڻ ٿي رهيو آهي جيڪو ڏسڻ ۾ گھڻو سٺو لڳندو آهي، جيڪڏهن توهان ٽئين فارميٽ کيڏو ٿا ته پوءِ توهان گھر ۾ نٿا رهي سگھو ان لاءِ گھڻي سفر جي ڪارڻ هي گھڻو ڏکيو ٿي چڪو آهي، ان جا جسماني ۽ دماغي طور تي گھڻا اثر پوندا آهن.

آسٽريلوي ڪرڪيٽر وڌيڪ چيو ته اڪثريت اڃا به ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي پسند ڪري ٿي ۽ منهنجو به هي وڻندڙ فارميٽ آهي ان لاءِ ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي وچ ۾ گھڻو سٺو توازن رکي سگھجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.