ڀان سيد آباد: ڳوٺ سامتياڻي ۾ گھر جي ڀت ڪرڻ سبب نينگري دٻجي فوت

ڀان سيد آباد ويجھو گھر جي ڀت ڪرڻ سبب نينگري دٻجي فوت ٿي وئي.

ڳوٺ سامتياڻي ۾ برسات کانپوءِ رهواسي علي بخش برهماڻي جي گھر ڀت ڪري پئي.

ڀت ڪرڻ سبب علي بخش جي 13ورهين جي نياڻي نگينا دٻجي وئي.

نينگري کي ملبي هيٺان ڪڍي بيهوشي واري حالت ۾ دادو اسپتال پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.

نينگر جو لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ ڳوٺ جو ماحول سوڳوار ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.