روسي ۽ ترڪ صدرن جو ايران جو دورو اھميت اختيار ڪري ويو

روسي صدر پيوٽن ۽ ترڪ صدر طيب اردوگان 19 جولائي تي ايران جي دور تي ويندا جتي ھو ايران جي اعليٰ اڳواڻن سان ملاقات ڪندا. ھن ملاقات کي ”امن جو آشيانو “قرار ڏنو پيو وڃي. ھن کان اڳ ايران ۽ روس شام واري جنگ ۾ بشارت الاسد سان گڏ ھئا جڏھن تھ ترڪي شام ۾ ويڙھاڪ باغين جي حمايت ڪري رھيو ھو.ھنن ٽنھي اھم ملڪن جي اعليٰ سطحي گڏجاڻي کي آمريڪي صدر جي ھاڻوڪي وچ اوڀر جي دوري جي پس منظر ۾ ڏٺو پيو وڃي.

روسي صدر ھن ملاقات ۾ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان شام ۾ هلندڙ گهرو ويڙهه تي ڳالهيون ڪندو. 24 فيبروري تي يوڪرين تي روسي فوجي حملي جي شروعات کان پوءِ روسي صدر جو هي ٻيو پرڏيهي دورو هوندو، ان کان اڳ صدر پيوٽن جون جي آخر ۾ وچ ايشيا جو دورو ڪيو هو شام جي تڪرار سان لاڳاپيل ھي ٽئي ضامن رياستون آھن.

ڪريملين جي ترجمان  چيو آهي ته شام جي گهرو ويڙهه جي خاتمي لاءِ ڪوششن جي حوالي سان روس، ترڪي ۽ ايران ٽئي ضامن رياستون آهن، جن ھن گڏجاڻيءَ ۾  گڏيل سياسي ڪوششون  ڪيون ھيون. تنھنڪري انهن ٽنهي ملڪن جا سربراه   هن اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. شام ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي بحث ڪيو ويندو، جيڪا سالن کان وٺي خوني گهرو ويڙهه سبب تباهه ٿي چڪي آهي.روس جي اختيارين جي ترجمان موجب  روسي ۽ ايراني صدرن جي هن ٽي طرفي سربراهي اجلاس کان اڳ اھي ڌار ڌار بھ ملاقات ڪندا.

روس، ايران ۽ ترڪي جي اڳواڻن جي ھن ملاقات  جي خاص ڳالهه اها آهي ته شام ۽ شام جي صدر بشارالاسد جي حوالي سان انهن ٽنهي ملڪن جي سوچ هڪ جهڙي ناهي. ان جي باوجود، اهي وچ اوڀر جي هن رياست ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آھن.شام جي صدر بشار الاسد چوٿين مدي لاءِ صدر طور حلف کڻي ورتو آھي، ٽنهي ملڪن ۾ روس ۽ ايران شام جي صدر بشار الاسد جا اهم سياسي ۽ فوجي اتحادي آهن، جڏهن ته ترڪي  شامي باغين جو حامي آھي، شام جي  حڪومت جي مخالف هٿياربند مزاحمتي تحريڪ ۽ ٻين شامي باغين کي فوجي مدد فراهم ڪري رهيو آهي. روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ ترڪي جون ڪوششون بھ ھلندڙ آھن..

روسي صدر پيوٽن ۽ سندس ترڪ هم منصب اردگان  وچ ۾ ھن دوري کان اڳ  11 جولاءِ تي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهھ ٿي ھئي، جنهن ۾ ترڪ اڳواڻ روسي هم منصب تي زور ڀريو ته هو ڪاري سمنڊ تي بندرگاهن کي کولڻ، رستن جي احترام ۽ محفوظ استعمال کي يقيني بڻائي  جيئن گڏيل قومن جي مقرر ڪيل رستي سان  يوڪريني زرعي جنسون برآمد ٿي سگھن.

ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ٻئي ڏينهن، ڪريملين جي ترجمان تصديق ڪئي ته صدر پيوٽن 19 جولاءِ تي  تهران ۾ ايراني صدر رئيسي ۽ ترڪ صدر اردگان سان ڳالهيون ڪندو.

ترڪي پنهنجي طور تي، يوڪرين ۽ روس وچ ۾ جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ ٽياڪڙي جي ڪوشش جاري رکي آھي،

24 فيبروري تي يوڪرين تي روسي فوجي حملي سان اتي جنگ ھلندڙ آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.