گل زمان پرويز الاهي جو فرنٽ مين آهي: راڻا ثناءُ الله

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته شهباز گل هٿياربندن سان گڏ هو، جنهن جي قانوني حيثِيت ناهي، جڏهن ته گل زمان چوڌري پرويز الاهي جو فرنٽ مين آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس راڻا ثناءُ الله چيو ته هڪ نجي ڪمپني جي سيڪيورٽي گارڊ کي ايف سي جهڙي وردي پارائي وئي، ڪمپني تي پابندي هنئي ويندي ۽ سخت قدم کڻنداسين.

هن چيو ته گل زمان چوڌري پرويز الاهي جو فرنٽ مين آهي، پرويز الاهي کي عمران خان ڦورو چوندو هو، شاهه محمود قريشي ڪنهن جي فيڪٽري تي ڪاهه ڪئي، شاهه محمود قريشي کي خبر آهي ته هو هارائي چڪو آهي.

سندس چوڻ هو ته شهباز گل زبردستي گرفتاري ڏني، اسان جو شهباز گل کي گرفتار ڪرڻ جو ڪو ارادو نه هو، جيڪو به غير قانوني ڪم ۾ ملوث هوندو، ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.