ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ برسات کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بگڙيل صورتحال ۽ برسات، گٽرن جي پاڻي ۽ گندگي سبب عمارت جي متاثر ٿيڻ بابت داخل درخواست تي جلد ٻڌڻي لاءِ درخواست منظور ڪري ورتي آهي. درخواست جي ٻڌڻي سومرتي ٿيندي. درخواست گذار صوبائي حڪومت ۽ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر کي ڌر بڻايو آهي ۽ موقف اختيار ڪيو آهي ته برساتن سبب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي تاريخي عمارت کي نقصان پهتو آهي. عدالتن ۾ جج، وڪيل ۽ شهري سخت ڏکيائين جو شڪار آهن. ان مسئلي جي حل لاءِ لاڳاپيل ادارن ڪو به قدم نه کنيو. سپريم ڪورٽ جي نئين عمارت کي به نقصان پهتو. 03