پي ٽي آءِ پٺاڻن کي پنجابي ڀائرن سان ويڙهائڻ جو پلان ٺاهيو آهي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(م ڊ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله عمران خان ۽ پي ٽي آءِ  کي 17 جولاءِ تي ڦڏي فساد کان پري رهڻ جي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته اطلاع مليو آهي، ته پي ٽي آءِ جا 500 کان وڌيڪ فسادي ننڍي چونڊ ۾ فسادي ارادي سان پنجاب پهچايا ويا آهن. عمران خان اليڪشن هاري چڪو آهي، هاڻي عوام سان وڙهڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.  ڪالهه جاري بيان موجب وفاقي گهرو وزير  اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ٽائيگرز کي خبردار ڪيو آهي ته هو قانون جي دائري ۾ رهن، ڊسڪه اليڪشن واري ڪا به حرڪت ڪئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو. پي ٽي آءِ ٽائيگرز ذريعي غنڊا گردي ڪرائي وئي ته نتيجن جو ذميوار عمران نيازي هوندو. گهرو وزير چيو ته چار سال اقتدار ۾ عوام کي ڦُريندڙن کي 20 تڪن جي عوام جو مينڊيٽ چوري ڪرڻ نه ڏينداسين. عمران خان جي سياست جو جنازو نڪري چڪو آهي، 17 جولاءِ تي 20 تڪن ۾ ووٽ جي ذريعي عوام تدفين جي رسم ادا ڪندي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جي ڀائرن کي پنجابي ڀائرن سان ويڙهائڻ جو پلان ٺاهيو آهي، پرويز خٽڪ، اسد قيصر، علي محمد خان ۽ مراد سعيد فسادين کي پناهه پيا ڏين،

  • مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر ڪورونا ۾ مبتلا

لاهور ( م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي آهي. مريم نواز ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته سندس ڪووڊ ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي،جڏهن ته سندس مڙس ڪيپٽن(ر) محمد صفدر به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، مريم نواز پاڻ کي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم شهبازشريف چيو ته مان مريم نواز ۽ صفدر جي ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ جي خبر ٻڌي ڏکوئجي ويو آهيان  ۽ انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان، هن چيو ته مريم نواز جنهن بهادري سان چونڊ مهم هلائي ان تي فخر آهي، واضح رهي ته مريم نواز لاهور سميت مختلف تڪن ۾ چونڊ مهم هلائي رهي هئي ۽ هن پنجاب جي مختلف شهرن ۾ چونڊ جلسا ڪيا هئا.

  • ننڍي چونڊ سبب ڪراچي يونيورسٽي ۾ پيپر جي تاريخ تبديل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي  ننڍي چونڊ سبب پيپر جي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي آهي. بي اي ۽ بي ايس سي جي 27 جولاءِ تي ٿيندڙ پيپر هاڻي 30 جولاءِ تي ٿيندو. ڪراچي يونيورسٽي جي امتحانن واري ناظم ڊاڪٽر سيد ظفر حسين جي مطابق  بي اي ۽ بي ايس سي جي سالياني امتحان 2021ع جي  27 جولاءِ تي ٿيندڙ پيپر هاڻي 30 جولاءِ تي ٿيندو جڏهن ته امتحاني مرڪز ۽ مقرر وقت ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.