تنگواڻي ۾ مغوي نينگر جنيد بکراڻي جي آزادي لاءِ بک هڙتال

تنگواڻي (رپورٽ:مھتاب ملڪ) تنگواڻي جي مدرسي محلي مان اغوا ٿيل نينگر جنيد بکراڻي جي بازيابي لاءِ سنڌ ترقي پسنڌ پارٽي پاران ٻئي ڏينھن به اڪرم با جڪاڻي،شربت نندواڻي،غلام حسين ڏاهاڻي،الھداد گبول، ذاھد چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي بک هڙتالي ڪيئمپ قائم ڪري احتجاج ڪيو، بک هڙتالي ڪيئمپ ۾ وارثن علي گوهر بکراڻي،شهري اتحاد جي قاري ڪفايت الله کوسو،جيوڻ سبزوئي رحمدل لاشاري،منير احمّد کوسو، استاد سعيد باجڪاڻي ۽ ٻين معزز شهرين شرڪت ڪئي، هنن چيو ته 16 ڏينهن گذرڻ باوجود معصوم 3 ورهين جو نينگر بازياب ناهين ٿي سگهيو،پوليس رڳو ٺلها آسرا ڏئي رهي آهي گهر ۾ ڪهرام برپا آهي معصوم نينگر کي بازياب ڪرائي گهرڀاتين ۾ پکڙيل بيچيئني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.