پنو عاقل ۾ حادثي سبب زخمي ٿيل شخص اسپتال ۾ فوت

پنوعاقل (ن ع آ ) پنوعاقل جي قومي شاھراہ حادتي ۾ زخمي ٿيل ھڪ ڄڻو زخمن جا سور نه سھندي سکر جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آھي ،  پنوعاقل جي قومي شاھراہ تي تيز رفتار ٽرالر پيٽرول پمپ ۾ ڪاھي پيو ھو جنھن سبب ڊرائيور سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا ھئا زخمين کي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪرڻ کانپوءِ زخمين کي سکر ريفر ڪيو ويو ھو حادثي ۾ زخمي ٿيل چئن ڄڻن۾ پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ  ايم اسحاق جسڪاڻي ، مقصود ڪورائي ، رفيق پنجابي ۽ رياض ڪورائي کي سکر جي نجي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو ھو جنھن مان ھڪ ڄڻو رياض ڪورائي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو آھي ، فوتي جي لاش کي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو جتان قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.