گال ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن بالرن جي نانءِ، 12 وڪيٽون ڪِري پيون

 

گال (ويب ڊيسڪ) گال ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن پاڪستان جي بهترين بالنگ سبب سريلنڪن ٽيم 222 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جڏهن ته راند جي پڄاڻي تائين پاڪستان ٻه وڪيٽن جي نقصان تي 24 رنسون ٺاهي ورتيون.

گال ۾ سريلنڪن ڪپتان ديمٿ ڪرونارتني ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

سريلنڪن ٽيم پاڪستاني بالنگ اٽيڪ کي منهن نه ڏئي سگهي ۽ 66.1 اوورن ۾ 222 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

ميزبان ٽيم طرفان دنيش چنديمل 76 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي، مهيش ٿيڪشانا 38، اوشادا فرنانڊو 35، ڪوسل مينڊس 21، ڌنانجيا ڊي سلوا 14، ڪاسن راجٿا 12، رميش مينڊس 11 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان طرفان شاهين آفريدي 4، حسن علي ۽ ياسر شاهه 2-2، جڏهن ته نسيم شاهه هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب ۾ پاڪستان جي شروعات به سٺي نه رهي ۽ 21 جي مجموعي اسڪور تي ٻئي اوپنر پويلين موٽي ويا.

عبدالله شفيق 13 ۽ امام الحق 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، پاڪستان جو اسڪور 2 وڪيٽن جي نقصان تي 24 تي پهتو ته راند جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو.

تجربي ڪار بيٽسمين اظهر علي 3 ۽ ڪپتان بابر اعظم هڪ رنس سان ڪريز تي موجود آهن، جڏهن ته پاڪستان کي سريلنڪا جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 198 رنسن جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.