سهراب ڳوٺ ۾ ٻئي ڏينهن به وڳوڙ، ڪٿي به رستا بند نه ٿيڻ گهرجن: وڏو وزير

ڪراچي ( رپورٽر+م ڊ ) ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ ٻئي ڏينهن به هنگامي واري صورتحال آهي، جڏهن ته وڳوڙين روڊ بلاڪ ڪري هڪ گاڏي کي باهه ڏئي ڇڏي, بلال ڪاڪا جي بي رحماڻي قتل تي رد عمل بعد  ڪراچي سميت سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ صورتحال خراب آهي . سهراب ڳوٺ ۾ گذريل ڏينهن جَي واقعن کانپوءِ اڄ اڳواٽ موجود پوليس ڪارروائي ڪري 15 وڳوڙين کي گرفتار ڪري ورتو . سهراب ڳوٺ ۾ گذريل ڏينهن هنگامن دوران گرفتار ٿيل 160 وڳوڙين سوڌو اڻڄاتل جوابدارن خلاف 3 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن . ايف آءِ آرز ۾ هنگامن، قتل، روڊ بند ڪرڻ ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جا قلم شامل ڪيا ويا آهن . پوليس جو چوڻ آهي ته سهراب ڳوٺ ۾ وڳوڙن دوران ٻه زخمي 27 سالن جو نجم الحسن ۽ 45 سالن جو نظير احمد زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا، جمعي تي موٽروي تي ٽريفڪ جي رواني بحال رکڻ ۽ امن امان برقرار رکڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا وڏا اٽالاموجود آهن جڏهن ته حيدرآباد ۾ به رينجرز جو گشت جاري آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته وڳوڙين خلاف ايڪشن سان حالتن کي ڪنٽرول ڪيو ويو، سهراب ڳوٺ ۾ رستن تي ٽرئفڪ معمول موجب جاري آهي. سهراب ڳوٺ ۾ ٻئي ڏينهن به هنگامي واري صورتحال آهي، جڏهن ته وڳوڙين روڊ بلاڪ ڪري هڪ گاڏي کي باهه ڏئي ڇڏي. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند گروهه سهراب ڳوٺ ۾ الاصف اسڪوائر ويجهو گاڏي کي باهه ڏني ، پوليس جي نفري فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي هنگامن ۾ ملوث 15 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڊي ايس پي سهراب ڳوٺ سهيل فيض آهي ته سهراب ڳوٺ ۾ شر پسندن خلاف پوليس ڪارروائيون جاري آهن، گرفتار ۽ فرار جوابدارن خلاف سهراب ڳوٺ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سهراب ڳوٺ مان گذريل ڏينهن هنگامن دوران 165 وڳوڙين گرفتار ڪيو ويو جن کان پاڇا ڳاڇا جاري آهي، جڏهن ته سهراب ڳوٺ ۾ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج جي بس کي به روڪي باهه ڏني وئي، سوشل ميڊيا ذريعن موجب سنڌين جون گاڏيون روڪي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، ڪراچي پوليس جي سربراهه جاويد عالم اوڍو ڊان ڊاٽ ڪام کي ٻڌايو ته خميس جي شام کان 45 کان وڌيڪ ماڻهن کي وڳوڙڻ ۽  ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.هوڏانهن سھراب ڳوٺ واري علائقي جي ڀرسان ھڪ ڀيرو ٻيھر وقفي وقفي سان ھنگاما آرائي  شروع فائرنگ ۽ ڏنڍن جي وار سان 3 ڄڻا بشير ولد قيوم ، عباس ولد اقبال ۽ طارق ولد اقبال زخمي ٿي پيا . جڏھن ته  نادرن باء پاس افغان ڪٽ جي ڀرسان فائرنگ ۾ نواب ولد فواد زخمي ٿي پيو . زخمين کي شھر جي مختلف اسپتالن ۾ طبي امداد جي لاءِ منتقل ڪيو ويو آهي، ٻئي  پاسي سھراب ڳوٺ ، سپر ھاء وي جمالي ڳوٺ ،انڊس  ھاءِ وي نادرن باءِ پاس تي ڇڪتاڻ واري صورتحال رات دير تائين جاري آهي . افغان پناھ گيرن جي سامھون پوليس بي وس نظر اچي رھي آهي . ذريعن مطابق جمالي پل وٽ حالات خراب پوليس ۽ رينجرز جي گاڏين مٿان پٿراءُ ۽ فائرنگ هڪ نينگري هڪ مرد ڇريون  لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيا ٻئي طرف سپر ھاءِ وي تي جمالي پل وٽ وڳوڙين ھٿان 2 ھندو نينگريون مبينا طور تي اغوا ٿي ويون آهن .

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليس کي هدايت ڪندي چيو آهي ته شهر قائد ۾ ڪوبه روڊ بند نه ڪيو وڃي ۽  جيڪڏهن ڪو وڳوڙي روڊ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.  هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته جيڪو به سرڪاري يا خانگي ملڪيت کي نقصان پهچائي ٿو ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن پوليس کي ٻڌايو ته شهر ۾ افواهون پکڙجي رهيون آهن ته روڊ بند ڪيا ويندا جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪئي ته ائين هرگز نه ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته حڪومت ان معاملي تي سمورن لاڳاپيل ڌرين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ سمورن اهڙي قدم کڻڻ تي لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي. هن پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته شهر ۾ معمول جي زندگي کي يقيني بڻايو وڃي، ان سلسلي ۾ انتظاميه پاران ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي يا لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.