حيدرآباد ۾ سول سوسائيٽي جو بجلي لوڊشيڊنگ، تيل اگهن ۾ واڌ، مهانگائي ۽ سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾ سول سوسائيٽي پاران بجلي لوڊشيڊنگ، تيل اگهن ۾ واڌ، مهانگائي ۽ سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪارڪنن سول سوسائٽي ٽرانسجينڊر ڪميونٽي حيدرآباد جي سڏ تي نازش فاطمه، شهزاد ڀرڳڙي، ساجن پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته تيل اگهن ۾ واڌ سبب ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي.

سندن چوڻ هو ته ملڪ ۾ بجلي لوڊشيڊنگ پڻ ماڻهن کي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، قهر جهڙي گرمي ۾ عورتون ۽ معصوم ٻارڙا گھرن ۾ تڙپي رهيا آهن.

اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن کي معاشي تباهي ڏانهن ڌڪي پيو وڃي، جڏهن ته پاڻي کوٽ سبب جانور توڙي پکي پکڻ اڃ وگھي مرهي رهيا آهن.

هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته ملڪي ۾ موجودا حالتن جو نوٽيس وٺي عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.