هالاڻي ۾ بيواهه عورت تي تشدد، پلاٽ تي قبضو، احتجاج

هالاڻي ( ن ع آ ) هالاڻي ڀرسان ڳوٺ مير محمد سيال جي رهواسڻ بيواھ پيرسن عورت ممتاز بيگم سيال دانهيندي چيو ته منهنجو مڙس مرحوم غلام نبي سيال فوت ٿي ويو آهي ان جو ڳوٺ ۾ پلاٽ آهي جنهن تي منهنجي مڙس جا ڀائٽيا صادق سيال امين سيال قدير سيال الياس سيال نديم ستار سيال ۽ فريده سيال وارن زبردستي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ مون کي ۽ منهنجي پٽ پاران حق گهرڻ تي گهر ۾ گهڙي مونتي ۽ منهنجي پٽ فهيم سيال تي سخت تشدد ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان هنن ظالمن جي ظلم خلاف هالاڻي ٿاڻي تي به وياسين پر پوليس ٽي ڪلاڪ ويهاري واپس ڪري ڇڏيو ۽ ڪابه ڪاروائي نه ڪئي ته اسان ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو آهي پر ان تي به مٿيان جوابدار مڇرجي پيا ۽ ٻيهر مارڪٽ ڪئي ۽ ڪورٽ وڃڻ تي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا هن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ايس ايس پي نوشهروفيروز کي اپيل ڪئي ته مونتي ۽ منهنجي پٽ فهيم سيال تي حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري مون کي ۽ منهنجي ٻچڙن کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ منهنجي مرحوم مڙس جي پلاٽ تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.