معيشت ٺيڪ ڪرڻ لاءِ آصف زرداري ۽ شريف ڪٽنب ڇا ڪري؟ عمران خان ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب  ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي وڊيو خطاب ۾ چيو آهي ته کيس لڳي رهيو آهي ته پنجاب ۾ هاڻي حمزا شهباز جي حڪومت نه رهندي، عدالت مخصوص سيٽن تي کيس وائکو ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته پنجاب جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جون ڪوششون جاري آهن، هتي سياستدانن کي ٻڪرين جيان خريد ڪيو وڃي ٿو.

سندس چوڻ هو ته اسان کي روس کان تيل وٺڻو هو پر هنن سازش ڪئي، هاڻي حڪومت کي ٻڌائڻو پوندو ته سازش ڪري بحران ڇو پيدا ڪيو ويو.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڪورونا باوجود پاڪستان سڀ کان سستو ملڪ هو، اسان تي دٻاءُ هو پر اسان قيمتون نه وڌايون.

عمران خان ملڪ کي پيش معاشي مسئلن مان نڪرڻ جو حل ٻڌائيندي چيو ته ملڪي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ جو هڪ ئي طريقو آهي اهو هي آهي ته زرداري ۽ شريف ڪٽنب ٻاهر پيل پنهنجو اڌ پيسو ملڪ واپس آڻين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.