ڪراچي ۾ بجلي بندش خلاف احتجاج، ماڙي پور روڊ جنگ جو ميدان بڻجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بجلي جي بندش خلاف ڪراچي جي علائقي ماڙي پور روڊ تي احتجاج ڪندڙ شهرين تي پوليس لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي.

بجلي جي بندش تي گذريل ڏهاڙي کان ماڙي پور روڊ تي عورتن ۽ ٻارن سميت علائقي واسي احتجاج ڪري رهيا آهن، ماڙي پور روڊ 24 ڪلاڪن کان ٽريفڪ لاءِ بند پيل آهي.

انتظاميا سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ تي مظاهرين پوليس تي پٿراءُ ڪيو ۽ بجلي فراهمي تائين احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

پٿراءُ کانپوءِ پوليس مظاهرين تي لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي، مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس هوائي فائرنگ به ڪئي.

مظاهرين جي پٿراءُ ۾ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو جڏهن ته پوليس چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

اي ايس پي عاطف امين موجب ڳالهين ۾ معاملا طئي ٿي ويا هئا پر پوءِ مظاهرين ۾ ڌڙا بڻجي ويا، ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ماڻهن کان به ڦرلٽ ڪئي وئي، خراب صورتحال سبب مظاهرين کي پوئتي ڌڪيو.

احتجاج سبب ڪياماڙي، نيٽو جيٽي پل، ايم ٽي خان روڊ، آءِ سي آءِ برج تي ٽريفڪ جام ٿي وئي آهي.

آءِ سي آءِ برج سان لياري ايڪسپريس وي، ماڙي پور ۽ سائيٽ ايريا ويندڙ ٽريفڪ معطل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.