”ملڪ هاڻي خطري کان ٻاهر آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ستين ۽ اٺين قسط کي گڏائي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته ستين قسط 90 ڪروڙ ڊالر ۽ اٺين قسط تقريبن هڪ ارب ڊالر جي آهي، پاڪستان پنجون خسارو نٿو سهي سگهي، ملڪ کي ترقي جي دڳ تي آڻڻ لاءِ اسان کي ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا.

ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ٽيڪس نٿا گڏ ڪري سگهو ٿا ته خودداري جي ڳالهه نه ڪريو، جڏهن اسان آياسين ته پاڪستان کي 4 رڪارڊ بجيٽ خسارن ۾ ڦاٿل هو، پوڻن چئن ورهين ۾ 20 هزار ارب رپيا قرض ورتو ويو، اڄ اسان کي 4 هزار ارب رپيا ڊيٽ سروسنگ ڪرڻي پئجي رهي آهي.

مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته حالتون اڃا ڏکيون آهن پر اسان بهتري ڏانهن وڃي رهيا آهيون، ملڪ ڏيوالو ٿيڻ واري خطري مان نڪري چڪو آهي، اسان سڄي پاڪستان جي دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻي رهيا آهيون، سپر ٽيڪس ان تي لڳايو  آهي جنهن جي آمدني وڌيڪ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.