ڇاڇرو (رپورٽ يعقوب بجير )ڇاڇرو ۽ ڏاهلي جي هڪ ٽائون ڪاميٽي ۽ 27 يونين ڪائونسلن تي پولنگ مرحلو مڪمل. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ٽائون ڪميٽي ڇاڇرو جي ٽن وارڊن تي پاڪستان پيپلز پارٽي جا اميدوار ، هڪ وارڊ پي ٽي آئي۽ هڪ وارڊ تي آزاد اميدوار ڪامياب. ٽائون ڪاميٽي ڇاڇرو جي وارڊ نمبر 1 تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي نامزد اميدوار ايڊووڪيٽ مير مرتضي بجير 639 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته آزاد اميدوار الهداد بجير 440 ووٽ حاصل ڪيا ۽ تحريڪ انصاف جي امير حسن بجير 340 ووٽ کڻي سگهيو. وارڊ نمبر 2 تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي مکي ڀيرولال 392 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ تحريڪ انصاف جي سڪيلڌو نهڙي 250 ۽ آزاد اميدوار مهاديو مينگهواڙ 231 ووٽ کڻي سگهيو. وارڊ نمبر 3 تي تحريڪ انصاف جي اميدوار سوائي راٺي 537حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار لال ڪمار شارڌا 501 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. وارڊ نمبر 4 تي پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار گهمرو مل 785 ووٽ کڻي سوڀارو ٿيو ۽ سامهون بيٺل آزاد اميدوار صٻحان سميجو کي 352 ووٽ مليا، چوني لال مينگهواڙ کي 474 ۽ جبار ڪنڀار 319 ووٽ کڻي سگهيو. وارڊ نمبر 4 تي آزاد اميدوار ايوب مڱريو 970 ووٽ کڻي ڪامياب ماڻي ۽ سامهون بيٺل پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوسر حڪمون مينگهواڙ 660 ووٽ کڻي سگهيو. جڏهن ته ڇاڇرو ۾ ڏاهلي جي 27 يونين ڪائونسل تي ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان مليل ڄاڻ موجب مختلف پولنگ اسٽيشنن تي جهيڙن جا پن اطلاع مليا.