موجوده سرڪار به عوام جا مسئلا حل نه ڪري سگهي

سموري ملڪ ۾ هن وقت موسم نا مهربان آهي ۽ ملڪ جي اقتدار ۾ ويٺل حڪمرانن جي سکڻن اعلانن سان عوام کي ڪو به فائدو نه پيو پهچي، مهانگائي خلاف مهم هلائي اڳوڻي سرڪار کي هٽائي ان جي جاءِ تي قائم ٿيندڙ سرڪار عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، چيو پئي ويو ته ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام ايندو پر ٿيو ان جي ابتڙ آهي، هن حڪومت جي قتدار سنڀالڻ کان وٺي ملڪ جنهن ٻڏتر جي ور چڙهي ويو آهي ان مان تاحال نڪرڻ ممڪڻ نظر نٿو اچي.

هڪ عام ماڻهون جي بنيادي گهرج ته امن امان، بجلي جي بنا تعطل فراهمي،مهانگائي جو ٻوجهه گهٽ ڪرڻ آهي.پر هتي وري صورتحال بنهه ابتي لڳي پئي آهي، جيتوڻيڪ سرڪار بجلي گهٽ استعمال ڪرڻ جي لاءِ رات ۾ مارڪٽين جو وقت گهٽايو آهي جنهن جي لاءِ اهو سمجهيو پئي ويو ته ان سان بجلي جي بچت ٿندي پر هن وقت تائين بجلي جي لوڊ شيڊنگ ۾ ڪا به نمايان تبديلي نظر نه پئي اچي جنهنڪري ههڙي شديد گرمي ۾ عوام پريشاني واري ڪيفيت ۾ مبتلا آهي،

مئي کان شروع ٿيل گرمي جي لهر تاحال جاري آهي ته وري ٻئي پاسي  شديد گرمين ۾بجلي جي اعلانيل توڙي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي،

وقت بوقت وزيراعظم بجلي فراهم ڪندڙ ادارن کي هدايتون ته ڏئي رهيو آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽ ڪئي وڃي پر ان تي عمل نه ٿيڻ ڪري هر هنڌ کان ماڻهن جون اهي شڪايون اچي رهيون آهن ته لوڊشيڊنگ جي وقت وڌڻ ڪري عوام ساڳي پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي.

سنڌ سميت ملڪ ۾ شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جاري آهي. ٻهراڙي ۾ 18 کان 20 ڪلاڪن تائين بجلي جي بندش شهرين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آھي..

سموري ملڪ ۾ بجلي اهم شعبو آهي جنهن بنا هن وقت زندگيءَ هر حوالي سان مشڪل ٿي وئي آهي، بجلي سان ئي ڪيتريون ئي صنعتون پڻ لاڳاپيل آهن، ملڪ جي سمورن شعبن جو ڪاروهنوار هلائڻ جي لاءِ پاور ضرورت آهي، جنهن جو فوري حل بجلي ئي آهي، هن وقت حڪومت عوام کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته اڳوڻي  سرڪار جي ڪوتاهين يا ڪمزورين جي ڪري ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ پيدا ٿي آهي يا وري بجلي جي پلانٽن جي جوڳي سار سنڀال نه لهڻ ڪري ملڪ ۾ هن وقت بجلي جي کوٽ ٿي آهي اهو سڀ ڪجهه درست هجي ته به هنن حالتن ۾ ماڻهو اهو نٿا چاهين،عوام کي اهڙي وضاحت ڏيڻ جي بجاءِ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائي ئي پنهنجي ڪارڪردگيءَ توڙي ساک کي بچائي سگهجي ٿو. عوام ته بجلي جا بل به ڀري ٿو جنهن جي اگهن ۾ به وقت بوقت سرڪار عالمي ادارن  جي حڪمن تي في يونٽ ۾ وڌارو ڪندي رهي ٿي .

هتي ايندڙ هر سرڪار اهو سمجهي ٿي ته ملڪ ۾ بجلي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لازمي آهي ان هوندي به ڪڏهن اهڙي حڪومت نه آئي آهي جنهن مڪمل طور تي بجلي جي لوڊشيدنگ ختم ڪري ڇڏي هجي. ڪيترائي حلقا اهو چون ٿا ته هن مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪا سنجيده ڪوشش نٿي ڪئي وڃي،ٿي سگهي ٿو ته اها ڳالهه گهڻي درست نه هجي پر عوام وٽ انهن سمورن خدشن توڙي امڪانن کي ماپڻ جي لاءِ صرف ئي صرف حڪومت جي ڪارڪردگي ئي آهي، سو هن وقت تائين جي ڪارڪردگي مان ماڻهون اهو ئي سمجهن ٿا ته سرڪار هن طرف ڪو ڌيان نٿي ڏيڻ چاهي.

دنيا ۾ نعم البدل توانائين تي ڪم جاري آهي پري نه وڃجي پر نار وارن ملڪن ۾ وڏن شاهراهن تي لڳل بتين بلبن کي  سولر سان ٻاريو وڃي ٿو.اهڙو تجربو هتي ڪرڻ کان ڪنهن حڪومت کي روڪيو آهي، ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن سرڪار واقعي به غريب عوام جو اونو رکي ٿي ته پوءِ اهو به ڪري سگهجي ٿو ته عام ماڻهون کي سستي اسڪيم هيٺ سولر وارو سسٽم ئي ڏئي ڪري ان بابت ترغيب ڏيڻ سان بجلي جو ڪنهن حد تائين لوڊ گهٽ ڪري سگهجي ٿو پر ان طرف ڪو ڌيان نه پيو ڏنو وڃي.

اسان اميد ڪريون ٿا ته موجود سرڪار جيڪا پاڻ کي عوام جي حقيقي همدرد قرار ڏئي رهي آهي سا اهڙا عملي قدم کڻندي جنهن سان عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون ملي سگهن. بجلي جي يقينن کوٽ هوندي پر ان کوٽ جي پورائي جي لاءِ به جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي اهو حڪومت کي ئي ڪرڻو آهي.ان ڪري هاڻي جيڪڏهن سرڪار پنهنجي علمي ڪارڪردگي  ڏيکارڻ ۾ ڪامياب نه ٿي ته ان جو خراب نتيجو نڪرڻو آهي.

وفاقي توڙي سنڌ سرڪار کي گهرجي ته بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اهڙي حڪمت عملي جوڙي جنهن سان ڪنهن کي اهڙي شڪايت نه ٿئي، ڇاڪاڻ جو هن جديد دور ۾ بجلي نه هئڻ جو مطلب ٿيندو آهي ته سمورو ڪار وهنوار ٺپ ٿي وڃڻ .جنهن جو ماڻهن جي رواجي ڪم توڙي عام حياتي تي وڏو اثر پوي ٿو ، شهرن ۾ ڪاروبار .گهرن ۾ زندگي ۽ صنعتن جي پيداوار هن  وقت بجلي جهڙي اهم ۽ بنيادي اسم سان لاڳاپيل آهي، جنهن جي کوٽ سان عوام جو لکين رپين جو نقصان ٿئي ٿو ته عام حالتن واري رواجي زندگي به  گهڻي متاثر ٿئي ٿي.

موجوده سرڪار جيڪڏهن عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڪوشش ڪري ته ان جا نتيجا پڻ اچڻ شروع ٿين، پر عوام جي هڪ وڏي اڪثريت جو خيال آهي ته سرڪار جي ايجنڊا ايندڙ چونڊون آهن، جنهن ۾ هر ڌر پنهنجا پير مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي پر ان جي لاءِ به هاڻي عوام ڪارڪردگيءِ تحت ئي ووٽ ڪندو، تنهنڪري جيڪڏهن سرڪار عوام جي بنيادي مسئلن، مهانگائي،بجلي جي کوٽ، پيٽرول قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي ته پوءِ ايندڙ چونڊن ۾ عوام سرڪار ۾ شامل پارٽين کي ووٽ ڪرڻ کان پاڻ کي پاسيرو ڪري ڇڏيندو،اهو نقصان ئي سياسي سطح تي وڏو نقصان هوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.