ايندڙ اليڪشن لاءِ فريم ورڪ تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون: فواد چوڌري

لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته سنڌ ۾ هن وقت بدترين اليڪشن ڪرائي پئي وڃي، ان کان بهتر آهي ته هڪ لسٽ ٺاهي اعلان ڪري ڇڏيو، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته سنڌ جي چونڊ ۾ 800 ماڻهن کي بنامقابلي چونڊرايو ويو، اسان کي اميد آهي ته سپريم ڪورٽ اسان جي ڪيسن کي ٻڌندي، هن چيو ته ملڪ جو هر عام ماڻهو بحران جو شڪار آهي، نئين ميثاق جمهوريت جي ضرورت آهي، جتي نئين اليڪشن ڪميشن هجي ۽ نيون چونڊون ٿين، اسان ايندڙ اليڪشن لاءِ فريم ورڪ تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون، هن چيو ته نيب ترميمن کانپوءِ نيب جو پريڪٽيڪلي لاڏاڻو ٿي چڪو آهي، رڳو دفنائڻ باقي آهي، اميد آهي ته سپريم ڪورٽ نيب ترميمن ۽ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر جي تبديلين جو ڪيس ٻڌندي، عمران خان کي جهڙي طرح ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ان خلاف مزاحمت ڪنداسين، حڪومت چونڊن جي تاريخ ڏئي اسيمبلي ۾ واپس اچي وينداسين، حمزا ۽ مريم پنهنجي ڪيسن جي پويان لڳل آهن، فنڊنگ ڪيس جو جيڪو بدترين فيصلو ٿي سگهي ٿو اهو ايندو

علي زيدي اليڪشن ڪميشن آڏو سوال اٿاري ڇڏيا

ڪراچي(م ڊ) پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي اليڪشن ڪميشن آڏو سوال اٿاري ڇڏيو، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کان ڪجهه پڇڻ چاهيان ٿو، پ پ چيئرمين، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري۽ وڏي وزير مراد علي شاهه لاڙڪاڻي ۾ جلسو ڪري قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي، هن سوال ڪيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڇا بلاول ۽ مراد علي شاهه کي نوٽيس جاري ڪيا آهن؟ اليڪشن مهم ۾ سرڪاري مشينري جو بي انتها استعمال ڪيو ويو، خدشو آهي ته جمهوري عمل دوران رتوڇاڻ نه ٿي وڃي،چونڊ عمل کي صاف ۽ شفاف رکڻ ادارن جي ذميواري آهي، حالتون خراب ٿيون ته ان جون ذميوار سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن هونديون،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.