حيدرآباد ۾ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙن جي تشدد خلاف عالمي ڏهاڙي 26 جون جي موقعي تي گڏجاڻي، احتجاج

 

حيدرآباد ۾ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙن پاران تشدد خلاف عالمي ڏهاڙي 26 جون جي موقعي تي مشاورتي گڏجاڻي ڪوٺائي احتجاج ڪيو ويو.

هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان حيدرآباد چيپٽر جي سڏ تي سماج سڌارڪن، وڪيلن ۽ اديبن سوڌو انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙن اڳواڻن پريس ڪلب پهچي مشاورتي گڏجاڻي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي نامياري اديب تاج جويو، ايڇ آر سي پي سنڌ جي ريجنل ڪوآرڊينيٽر امداد چانڊيو، ڊاڪٽر صائما جعفري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پاڪستاني توڙي عالمي قانون تشدد جي اجازت نٿو ڏئي پر پوءِ معاشري ۾ مختلف سوچ رکندڙ ماڻهو تشدد جو نشانو بڻجي ٿو.

سندن چوڻ هو ته دنيا جي 36ملڪن ۾ ماڻهن کي گم ڪري تشدد ڪيو وڃي، جنهن سبب متاثر ذهبي دٻاءَ جو شڪار رهن ٿا.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته تشدد ڪرڻ غيرقانوني عمل آهي جنهن خلاف سول سوسائٽي کي گڏ ٿي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.