يوڪرين: ڪيف ۾ 4 ڌماڪا

ڪيف (ويب ڊيسڪ) روس سان جنگ سان متاثر ملڪ يوڪرين جي راڄڌاني ڪيف ۾ اڄ صبح 4 ڌماڪا ٿيا آهن.

يوڪريني راڄڌاني ڪيف جي ميئر ٻڌايو ته ڪيف جي ضلعي شيو چينڪو وسڪي ۾ 4 ڌماڪا ٿيا آهن.

سندس چوڻ آهي ته اڄ صبح ٿيل ڌماڪن کانپوءِ هڪ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳي وئي.

ڪيف جي ميئر جو وڌيڪ چوڻ آهي ڌماڪن سان متاثر ٿيندڙ ٻن عمارتن کي رهائشين کان خالي ڪرايو ويو آهي.

ميئر ڪيف جو اهو به چوڻ آهي ته اطلاع ملندي ئي ايمبولينسز، طبي عملو ۽ ريسڪيو اهلڪارن کي ڌماڪي واري هنڌ روانو ڪيو ويو هو جن متاثره عمارت کان ڪيترن ئي زخمي ماڻهو ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.