تلهار: مستحق عورتن جو وظيفي جي رقم مان ڪٽوتي خلاف احتجاج

تلهار ۾ مستحق عورتن پاران وظيفي جي رقم مان دڪاندارن جي ڪٽوتي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مختلف علائقن کان معاوضي وٺڻ لاءِ آيل مستحق عورتن شهر جي فاروق اعظم چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري موبائل ڪمنيوڪيشن دڪاندارن خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي مستحڪم عورتن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته وفاقي سرڪار پاران ملندڙ وظيفو ٻه هزار رپيا ڪڍرائڻ تان موبائل ڪمنيوڪيشن دڪاندارن ٻه کان ٽي سئو رپيا ڪٽوتي ڪري رهيا آهن، جيڪا ساڻن زيادتي آهي.

مستحق عورتن وڌيڪ چيو ته دڪاندارن کي پنهنجي رضا خوشي سان سئو رپيو ڏيڻ جو چئو ٿا پر هو پئسا نٿي ڪڍي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏين  ٿا، اعليٰ اختياريون معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.