چڪوال (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي علائقي چڪ ڀون ۾ گھريلو حالتن کان دلبرداشتا عورت ٻن ٻارڙن سوڌو کوهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ ٻنهي ٻارڙن موقعي تي دم ڏئي ڇڏيو.
35ورهين جي نازيا بي بي زال محمد زوهيب گھريلو حالتن کان تنگ هئي ۽ انهي ڪري اڪثر زال مڙس وچ ۾ ڇڪتاڻ رهندي هئي.
گهريلو حالتن ۽ ازدواجي لاڳاپن تي عورت دلبرداشتا ٿي پنهنجي ٻن ٻارن 5 ورهين جي محمد عفنان ۽ 3 ورهين جي علي رضا سوڌو کوهه ۾ ٽپي ڏنو، ذريعن موجب غربت سبب عورت جون گھريلو حالتون ٺيڪ نه هيون.
ريسڪيو 1122 جي ٽيم موقعي تي پهچي آپريشن ڪيو ۽ ٽنهي جا لاش کوهه مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، چڪوال جي صدر ٿاڻي جي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.