ڦلجي۾بدامني ۽ منشيات جي وڪري خلاف شهري نڪري آيا، ڌرڻو

ڦلجي (ن ع آ)  ڦلجي شهر ۾ وڌندڙ بدامني  ۽ شهر ۾ سري عام منشيات جون شيون وڪرو ٿيڻ خلاف صحافين ۽ سول سوسائٽي پاران پريسڪلب کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو علائقي ۾ قتل ڦر ۽ چورين جون وارداتون روز جو معمول بڻيل جڏهن ته پريس ڪلب جي صحافي صدر رانا نديم حسن جي موٽر سائيڪل جي چوري جا جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ خلاف قلم ڌڻين جو  پوليس انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪري حيدر چوڪ ڌرڻو هنيو آهي، احتجاج ڪندڙن ۾  صحافين رانا نديم حسن،صحافي شاھنواز سومرو ،صحافي امان اللہ جروار، صحافي ظهير عباسي،لالا ظهير سومرو ،رمضان پنھور ،عارف جمالي فدا حسين شاهه، صحافي وقاص ياسين، صحافي سارنگ کوسو، صحافي سھيل سومرو، صحافي رانا محفوظ ۽ ٻين چيو تہ ڦلجي شهر مان امن جو پکي اڏامي ويو، چوري ۽ ڦر جون وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن ڦلجي پوليس ٿاڻي اڳيان ھڪ واپاري دڪاندار کان ڦر ڪئي وئي جڏهن تہ شاھي بازار پوليس پڪٽ سامھون واپاري اسلم سولنگي جي دڪان کي کاٽ ھڻي ھزارين رپين جي چوري ڪئي وئي جڏهن تہ قلم ڌڻي بہ غير محفوظ بڻيل آهن، 25 ڏينهن گذرڻ باوجود پريس ڪلب جي صدر رانا نديم حسن جي موٽرسائيڪل جا جوابدار ڦلجي پوليس گرفتار نہ ڪري سگهي آهي, ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون سان ٻہ ڀيرا پريس ڪلب جي صحافين وفد جي صورت ۾ صحافين پاران اھڙي قسم جي عمل جي شڪايت ڪئي آهي مگر  ايس ايس پي دادو پاران صرف آسرا ۽ دلاسا ڏنا پيا وڃن پر قلم ڌڻين سان انصاف نہ ڪيو پيو وڃي، احتجاج ڪندڙن صحافين وڌيڪ چيو تہ پريس ڪلب جي صحافي رانا نديم جي موٽر سائيڪل رڪور ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ڦلجي شهر مان وڌندڙ بدامني ختم ڪرائي وڃي جي نہ تہ ٻي صورت ۾ قلم ڌڻي سجي سنڌ ۾ احتجاج ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.