جي اين مغل صحافت جو اثاثو، سندس هر مضمون تاريخ جو حصو آهي: ڊاڪٽر جبار خٽڪ

ڪراچي ( رپورٽ: غلام مهدي بلوچ ) صحافين چيو آهي ته ناميارو صحافي جي اين مغل صحافت جو اثاثو آهي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ سينيئر صحافي جي اين مغل جي مان ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته  دعويٰ ٿو ڪيان ته جنهن  کي کلي ڪري کلندي ڏٺو ته اهو جي اين مغل آهي. جي اين مغل جيڪي ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ظلم ۽ جبر خلاف سوچ رکندڙ، جڏهن ته اهڙا مسئلا هن جي دل ۽ دماغ ۾ هوندا هئا پوءِ به هو هميشه مسڪرائي درد دل ۾ لڪائيندو هو. جڏهن اسان شاگرد هئا سين ته اسان جي ملاقات ضياءُ الحق جي دور واري مارشل لا ۾ جيل ۾ ٿي. قاسم راڄپر پڇيو ته جي اين مغل عوامي آواز ۾ ايڊيٽر طور شامل ٿئي ته مون چيو ان کان وڌيڪ ڀلي ڳالھه ڪهڙي ٿيندي جو مغل صاحب مون وٽ اچي. جي اين مغل جو هر هڪ مضمون سنڌ جي تاريخ جو حصو آهي، جنهن ۾ هن سنڌ جي مسئلن کي تمام گهڻو مٿي کنيو. اسان جي هڪ خواهش ۽ دعا آهي ته جاگيرداري، نظام پاڻي جي کوٽ يا ٻين مسئلن جي آزاري جي بابت جيڪو هن لکيو اهو هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ضرور ڏسي.  ڊاڪٽر ايوب شيخ   چيو ته ايم ڪيو ايم جي اين مغل جو دڪان ساڙي ڇڏيو نه ته اڄ هو سونارو هجي ها، جي اين مغل جن  ادارن ۾ ڪم ڪيو اهي حيرت انگيز اخبارون هيون، عوامي آواز ڪامريڊن جي اخبار آهي، ڊاڪٽر جبار خٽڪ عوامي آواز کي ان قابل بڻايو آهي جو هر ڪنهن جو آواز ڇپجي سگهي، جي اين مغل جو ايڊيٽر طور عوامي آواز ۾ بهترين ڪردار رهيو. جي اين مغل کي شهيد بينظير ڀٽو، سيد عبدالله شاهه ۽ فاروق ستار جي مرحوم ماءُ نالي سان سڃاڻيندا هئا. اختيار کوکر چيو ته اسان جي اين مغل کان گهڻو ڪجهه سکيو سين، انگريزي اخبارن ۾ جڏهن هن جون خبرون لڳنديون هيون اهي اسين ترجمو ڪري سنڌي ۾ به لکندا هئاسين. مغل صاحب اڄ به پنڌ گهمڻ وارن مان آهي، هو هڪ بهادر ۽ ايماندار صحافي رهيو آهي، صحافت ۾ جي اين مغل جهڙا ماڻهو اثاثو آهن. رشيد ميمڻ چيو ته جي اين مغل سنڌ جو ڪيس کنيو جيڪو اڄ تائين وڙهي پيو. جي اين مغل اليڪشن ڪميشن ۾ آفيسر هيو، ڌانڌلي  بابت شفاف رپورٽ ڏيڻ تي مغل صاحب کي ڪڍيو ويو، جنهن کان پوءِ هن صحافت شروع ڪئي. جي اين مغل ڪل 3 ڪتاب لکيا آهن، جنهن ۾ هڪ سنڌي ۽ ٻه اردو ۾ آهن.  شيرين چيو ته مغل صاحب سنجيدگيءَ سان صحافت ڪئي ۽ ڪري پيو، هو معاملي کي مڪمل طريقي سان سمجهي ڪري پوءِ خبر ڏيندو آهي. طاهر ارسلان چيو ته سڀني دوستن جي مهرباني جن هي  تقريب منعقد ڪئي. جي اين مغل سان 30 سالن جو واسطو آهي، مغل صاحب اسان کي گهڻو ڪجهه سيکاريو، مارشل لا جي دور کان وٺي هو ٿڌي دماغ سان شفاف صحافت ڪندو رهيو آهي . شير محمد کهاوڙ  چيو ته  ذوالفقار علي ڀٽو هلال پاڪستان اخبار ڪراچي کڻي آيو، جنهن سان سنڌي صحافت کي ترجيح ملي، جي اين مغل جي شروعات هلال پاڪستان اخبار مان شروع ٿيو، مشرف جي دور ۾ گورنر محمد ميان سومري جي اين مغل جي سخت سوالن کان پريشان ٿي کيس سوال ڪرڻ کان منع ڪيو.  نزهت شيرين چيو ته جڏهن لساني فساد هئا، تڏهن جي وقت مغل صاحب جيڪي احوال ڏيندو هو اها بيان نه ٿي ڪري سگهان، هو اسان سان فيملي وانگر آهي. مجاهد بريلوي چيو ته جنهن شخص 50 سال پريس ڪلبن ۽ صحافت کي ڏنا ان جي مان ۾ اهو حق سمجهي تقريب منعقد ڪئي سين. جي اين مغل چيو ته مان ڪراچي سينٽرل جيل رهيس جنهن بعد مونکي حيدرآباد جيل منتقل ڪيو ويو. جيلن ۾ رهيو آهيان، منهنجي هڪ تجربي مطابق جيڪو جيل جو لوئر اسٽاف هيو ان جي اسان سان وڏي همدردي هئي. عيد اچڻ واري هئي ته مان خيرپور جيل ۾ بک هڙتال ڪئي، پوءِ سوچيو ڀلي مري ويس ته بک هڙتال ختم نه ڪندس. عيد نماز جو خطبو مان پڙهيو ۽ خطبي ۾ جيلر ڏي بک هڙتال بابت لکيل خط پڙهيو. هڪ ڏينهن واري شام وساري نه ٿو سگهان جنهن مهل نوجوان روئيندو آيو ۽ پڇندو رهيو ته مغل صاحب ڪٿي آهي، هن چيو ته آءِ جي جو خط آيو آهي ۽ هو زبردستي اوهان جي بک هڙتال بند ڪرائڻ ٿا چاهن ۽ ان ۾ اوهان جي جان به وڃي سگهي ٿي. اسان جي نعرن "تيري ساٿ جينا، تيري ساٿ مرنا” جون خبرون ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ لڳيون. هڪ دفعي هڪ نوجوان بس ۾ هيو هن ڄڻ ۾ چيو ته مان ايجنسي جو ماڻهو آهيان توهان هليا وڃون مان اڳتي چوندس ته هٿ نه آيو آهي. مونکي پوليس پڪڙي جڏهن ميجر حوالي ڪيو ته ميجر فوجي عدالت لڳائيندي پڇيو ته ڪير آهيو ان تي حبيب غوري چيس مان ڪراچي پريس ڪلب جو ميمبر آهيان ۽ جي اين مغل گورننگ باڊي جو ميمبر آهي ۽ اسين سڄي سنڌ جي صحافين جو اتحاد ٺاهڻ ٿا وڃون. جنهن صحافي ۾ ايمانداري ۽ بهادري ناهي اهو صحافي ناهي.امتياز فاران چيو ته مون هڪ ڪالم لکيو جنهن جو عنوان هو ته سنڌي فوج ۾ ڇو نه ٿا وڃن جنهن بعد سنڌ ريجمينٽ جي هائرنگ شروع ٿي. مان عبدالله شاه سان به اها ڳالھ ڪندو هئس هاڻي مراد علي شاهه سان به اها ئي ڳالھه ڪندو آهيان ڌاري آبادڪاري وڌندي پئي وڃي، سنڌ جي حصي جو گئس، پاڻي، بجلي ۽ ٻيون شيون پورو پاڪستان استعمال ٿو ڪري .سنڌ کي پورو حصو ملي ته سنڌ آباد هوندي.  تقريب ۾ ڊاڪٽر قاسم راڄپر، قاضي آصف، نصرالله جمالي، عاجز جمالي،اختر بلوچ  سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي .جي اين مغل کي سنڌي روايت موجب سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پارايا ويا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.